اسلام آباد-12 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال 25-2024ع لاءِ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت هائر ايجوڪيشن ڪميشن (اي?? اي سي) جي 141 جاري ۽ 20 نين اسڪيمن لاءِ 60 هزار ملين رپيا مختص ڪيا ويا آهن. پي ايس ڊي پي تحت بجيٽ دستاويز مطابق جاري اسڪيمن لاءِ تقريبن 41,871.792 ملين رپيا ۽ ن??ن اسڪيمن لاءِ 18,128.208 ملين رپيا مختص ڪيا ويا آهن. جاري اسڪيمن ۾ افغان شاگردن کي علامه م??مد اقبال جي 3 هزار وظيفن لاءِ 900 ملين رپيا، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي اسلام آباد جي اڪيڊمڪ بلاڪ جي تعمير لاءِ 450 ملين رپيا، باچا خان يونيورسٽي، چارسده جي ترقي ۽ ن??شنل يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنسز (نمز) جي ترقيءَ لاءِ 400 ملين رپيا، گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي فيصل آباد جي ڪيمپس جي قيام لاءِ 400 ملين رپيا، ڪامياب جوان اسپورٽ اڪيڊميز (هاءِ پرفارمنس اينڊ ريسورس سينٽرز) ۽ـ يوٿ اولپمپڪس- اي?? اي سي جي قيام لاءِ 500 ملين رپيا، بلتستان اسڪردو يونيورسٽيءَ جي قيام لاءِ 500 ملين رپيا، فلبرائٽ اسڪالرشپ سپورٽ پروگرام اي?? اي سي- يو ايس ايڊ (فيز ٿري) لاءِ 759 ملين رپيا، ايم ايس ۽ پي ايڇ ڊي جي اوورسيز اسڪالرشپ لاءِ 3890 ملين رپيا، پاڪ- آمريڪا ناليج ڪوريڊور (فيز ون) تحت پي ايڇ ڊي اسڪالرشپ لاءِ 3 هزار ملين رپيا، انسٽيٽيوٽ آف اسپورٽس جي قيام لاءِ 100 ملين رپيا مختص ڪيا ويا آهن. اي?? اي سي جي نين اسڪيمن لاءِ وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم لاءِ 6000 ملين، جڏهن ته نظرثاني ٿيل پروگرام لاءِ 10 هزار ملين رپيا، وزيراعظم يوٿ انٽرن شپ پروگرام لاء?? 30 ??لين رپيا، مينيوفيڪچرنگ ٽيڪنالاجي، آٽومشن ۽ انوويشن سينٽر جي قيام لاءِ 100 ملين رپيا مختص ڪيا ويا آهن.
پي ايس ڊي پي تحت ايندڙ مالي سال 25-2024ع دوران ايڇ اي سي جي 141 جاري ۽ 20 نين اسڪيمن لاءِ 60 هزار ملين رپيا مختص
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی گائیڈ