اسلام آباد – 26 – جنوري (اي پي پي) صدر ??اڪ??ر عارف علوي غزه جي پٽيءَ ۾ نسل ڪشي جي ڏوهه جي روڪٿام ?? سزا بابت انصاف جي عالمي عدالت (آءِ سي جي) جي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته اهو هڪ بهترين فيصلو آهي، اسرائيل کي فوري طور تي غزه ۾ معصوم شهرين جي نسل ڪشي ۽ رتوڇاڻ کي روڪڻو پوندو. هن آءِ سي جي جي فيصلي کي ساراهيو جنهن ۾ اسرائيل کي غزه ۾ فلسطينين طرف نسل ڪشي ڪنوينشن تحت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻ، نسل ڪشي ڪنوينشن جي آرٽيڪل II جي دائري ۾ ايندڙ سمورين ڪاررواين کي روڪڻ جي لاءِ سمورا قدم کڻڻ ۽ غزه ۾ فلسطينين کي فوري طور تي گهربل ”بنيادي خدمتون ۽ انساني امداد) جي فراهمي جو چيو ويو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ ??وج?? صدر چيو ته ان فيصلي اسرائيل پاران ڪيل غيرانساني ڪاررواين ۽ ڏاڍ کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسرائيل عورتن، ٻارن ۽ اسپتالن کي نشانو بڻائي انسانيت جون سموريون حدون پار ڪري ڇڏيون ۽ خوراڪ جي لاءِ قطار ۾ بيٺل ماڻهن کي پڻ نه ڇڏيو. صدر عالمي برادري ۽ گڏيل قومن جي ٻين ??دا??ن خاص طور تي سلامتي ڪائونسل تي زور ڏنو ته اها غزه ۾ فوري جنگبندي جي لاءِ قدم کڻي ۽ اسرائيل کي فلسطين ۾ وڌيڪ رتوڇاڻ کان روڪي. صدر نسل ڪشيءَ جي ڪاررواين تي اسرائيل کي جوابده قرار ڏيڻ جي لاءِ ڏکڻ آفريقا پاران معاملو انصاف جي عالمي عدالت ۾ کڻي وڃڻ جي جرئتمنداڻي موقف کي ساراهيو.
صدر پاران غزه جي پٽيءَ ۾ نسل ڪشي جي ڏوهه جي روڪٿام ۽ سزا بابت انصاف جي عالمي عدالت جي فيصلي جي آجيان
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے نمبر