اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيرا??ظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان بيلٽ ??ينڊ روڊ انيشي ايٽو (بي آر آئي) جي صلاحيت مان فائدو کڻي پنهنجي اقتصادي صورتحال بدلائي سگهي ٿو، سي پيڪ منصوبي سان ملڪ جي لاءِ ترقي جون نيون راهون کليون آهن، ملڪ ۾ روز??ار جا وسيع موقعا پيدا ٿيا، بي آر آئي منصوبي سان نه رڳو چين، پاڪستان پر پورو خطو ترقي ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سي جي ٽي اين ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. هن چيو ته آئون اميد ڪريان ٿو ته پاڪستان بي آر آئي قدمن سان ان سفر ۾ هڪ اهم حصي??ار هوندو، پاڪستان کي بي آر آئي سان تمام گهڻو فائدو ملي سگهي ٿو، هي هڪ موقعو اسان جي دروازي تي دستڪ ڏئي رهيو آهي، چيني صدر ان موقعي کي حاصل ڪرڻ جي ترغيب ڏئي رهيو آهي ۽ اميد آهي ته اسان ان منصوبي مان مڪمل فائدو کڻنداسين. چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) منصوبي جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سي پيڪ جي پهرين مرحلي ۾ گوادر پورٽ، سي پيڪ روٽ ۽ فضائي رابطن کانسواءِ توانائي جا منصوبا شامل آهن، سي پيڪ جي شروعات کان اڳ پاڪستان کي توانائي جي کوٽ درپيش هئي جڏهن ته ميگا منصوبن تحت اٽڪل 8 هزار ميگاواٽ بجلي قومي گرڊ ۾ شامل ڪئي وئي. نگران وزيرا??ظم چيو ته سي پيڪ تحت منصوبن سان عام ماڻهن خاص طور تي بلوچستان صوبي سان تعلق رکندڙن ۾ ان جا مثبت نتيجا سامهون آيا آهن، اميد آهي ته ٻئي مرحلي ۾ خصوصي اقتصادي زونز، صنعتي شعبي جي تبديلي ۽ اسٽريٽجڪ جي لاءِ ڪارائتو ثابت ٿيندو، ان سان پاڪستان ۾ نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ انفراسٽرڪچر ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. نگران وزيرا??ظم چيو ته بي آر آئي عالمي رابطي، سامونڊي ۽ زميني رابطن کي ان حد تائين وڌائڻ ۾ مدد??ار ٿيندو جنهن جو مثال انساني تاريخ ۾ نه ٿو ملي. هن چين جي علائقي سنڪيانگ جي پنهنجي تازي دوري جي حوالي سان پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ ٻڌايو ته پاڪستان جي اترئين علائقن گلگت بلتستان سان ڳنڍيل علائقو هجڻ جي ڪري سنڪيانگ پاڪستان جي لاءِ اهم آهي، اسان ان رابطي جي ذريعي نه رڳو هن خطي پر پاڪستان جي ٻين علائقن ۾ پڻ سياحت کي فروغ ڏئي سگهون ٿا. هن چيو ته چين سلامتي، سياست ۽ معيشت جي شعبن ۾ پاڪستان جو فطري ۽ اعتماد جوڳو اتحادي آهي. هن ٻطرفي ثقافتي مٽاسٽا، عوامي سطح تي رابطن، سياحت ۽ ٻنهي ملڪن جي ميڊيا هائوسز جي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ميزبان نگران وزيرا??ظم کي ياد ڏياريو ته انهن جي چيني ميڊيا گروپ تازو ئي پاڪستان جي خابرو ايجنسي ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) سان گڏيل تعاون جي معاهدي تي صحيحون ڪيون آهن جنهن تي نگران وزيرا??ظم چيو ته اهو هڪ اهم معاهدو آهي ڇو ته مختلف ميڊيا ذريعن ۽ ثقافتي ادارن جي لاءِ ڊيجيٽل، اليڪٽرانڪ اسپيس ۽ مواد جي تخليق جي لاءِ اسٽريٽجڪ موقف جي ضرورت آهي. نگران وزيرا??ظم چيو ته شي جن پنگ هڪ دانشمند انسان آهي، سندس قيادت ۾ اسان کي ترقي جون وڌيڪ منزلون حاصل ڪرڻ گهرجن، اسان سندس تجربي مان فائدو کڻڻ جا خواهشمند آهيون.
پاڪستان بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو (بي آر آئي) جي صلاحيت مان فائدو کڻي پنهنجي اقتصادي صورتحال بدلائي سگهي ٿو، سي پيڪ منصوبي سان ملڪ جي لاءِ ترقي جون نيون راهون کليون آهن: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال