اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته سمورين رجسٽرڊ سياسي پارٽين کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ هڪ جهڙا موقعا ۽ اليڪسن ڪميشن کي چونڊ مشق منعقد ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ اسان جي گڏيل ذميواري آهي، پنهنجي مينڊيٽ موجب سمورن صوبن سان بهتر ورڪنگ ماحول جي لاءِ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪنداسين، اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وزارت خيبرپختونخواهه جي عوامي لاڳاپن وا??ي کاتي کي جديد رخن تي قائم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن تعاو?? فراهم ڪندي. اها ڳالهه هن خيبرپختونخواهه جي اطلاعات وا??ي نگران وزير بئريسٽر فيروز ج??ال شاهه ڪاڪاخيل سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ ايندر چونڊن، وفاقي ۽ صوبائي ادارن جي وچ ۾ ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون، صحافين جي ڀلائي سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ملاقات ۾ خيبرپختونخواهه جي انفارميشن آفيسرن کي انفارميشن سروسز اڪيڊمي ۾ تربيت ڏيڻ جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. اطلاعات وا??ي نگران وفاقي وزير چيو ته ملازمن ۽ آفيسرن کي جديد ميڊيا جي استع??ال ۽ چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي صلاحيتن بابت تربيت جي فراهمي وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته اطلاعات وا??ي وزارت جو دائرو جديد دور ۾ وسيع ٿي چڪو آهي، مقابلي جي هن دور ۾ اسان کي جديد انفارميشن سسٽم تي مڪمل پُهچ حاصل ڪرڻي پوندي. هن چيو ته اطلاعات وا??ي وزارت خيبرپختونخواهه جي عوامي لاڳاپن وا??ي کاتي کي جديد رخن تي قائم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن تعاو?? فراهم ڪندي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته پنهنجي مينڊيٽ موجب سمورن صوبن سان بهتر ورڪنگ ماحول جي لاءِ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪنداسين. هن چيو ته نگران حڪومت جي ذميواري آهي ته سمورين رجسٽرڊ سياسي پارٽين کي چوندن ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪري، اليڪشن ڪميشن کي چونڊ مشق منعقد ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ به اسان جي گڏيل ذميواري آهي. نگران وفاقي وزير چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ صحافين جي ڀلائي لاءِ جرنلسٽ ويلفيئر انڊوومنٽ فنڊ رولز اهميت رکن ٿا، صحافي مشڪل حالتن ۾ فرض سرانجام ڏين ٿا، انهن جي ڀلائي لاءِ قدم لازمي آهن. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات وا??ي نگران صوبائي وزير فيروز ج??ال شاهه ڪاڪاخيل چيو ته خيبرپختونخواهه جي نوجوانن کي سوشل ميڊيا جي استع??ال جي حوالي سان تربيت فراهم ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي نگران حڪومت چونڊن جي لاءِ سازگار ماحول جي فراهمي کي يقيني بڻائي رهي آهي، خوشگوار ۽ پرامن ماحول ۾ چونڊون منعقد ڪرڻ ممڪن بڻائينداسين. فيروز ج??ال شاهه چيو ته خيبرپختونخواهه جي نگران حڪومت صحافين جي ڀلائي لاءِ سمورا وسيلا استع??ال ۾ آڻيندي. اطلاعات وا??ي نگران وفاقي وزير خيبرپختونخواهه جي اطلاعات وا??ي کاتي کي هر ممڪن تعاون جو يقين ڏياريو.
سمورين رجسٽرڊ سياسي پارٽين کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ هڪ جهڙا موقعا ڌنا ويندا: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن