اسلام آباد – 01 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف برساتن جي صورتحال تي وفاقي ۽ صوبائي ادارن کي الرٽ رهڻ ۽ شهرين جي مدد جا سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ??ندي چيو آهي ته عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ اولين ترجيح آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ۽ صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيز کي صورتحال جي ڪڙي نگراني جي هدايت ??ئي آهي. وزيراعظم هدايت ??ئي ته وفاقي ادارا صوبائي حڪومتن ?? ادارن جي حصيداري عمل سان ڪ?? ڪن، جتي جنهن شيءَ جي ضرورت هجي، عوام جي تحفظ ۽ مدد جي لاءِ فراهم ڪئي وڃي ۽ جتي ضرورت آهي اتي عوام کي فوري محفوظ علائقن ۾ منتقل ڪيو وڃي. وزيراعظم نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي بين الصوبائي قومي رستن جي مانيٽرنگ جي پڻ هدايت ??ئي آهي. وزيراعظم لسٻيلا ۾ ڪوئيٽا ڪراچي رستي ۽ بولان ۾ ڪوئيٽا سبي رستي تي ٽريفڪ جي رواني ۽ عوام جي سهولت لاءِ موثر انتظام يقيني بڻائڻ جي هدايت ??ئي آهي. وزيراعظم هدايت ??ئي ته مختلف رستن ?? متاثر علائقن ۾ عوام کي خبردار رکيو وڃي. وزيراعظم چيو ته عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ اولين ترجيح آهي. برساتن جي صورتحال ۾ شهري خدمتن جا سمورا ادارا الرٽ رهن، قومي جذبي ۽ ذميواري جي احساس سان ڪ?? ڪن. وزيراعظم عوام کي به اپيل ڪئي ته موسمي شدت جي صورتحال ۾ احتياطي تدبيرون اختيار ڪن ۽ حڪومتي ادارن سان تعاون ڪ??.
وزيراعظم پاران برساتن جي صورتحال تي وفاقي ۽ صوبائي ادارن کي الرٽ رهڻ ۽ شهرين جي مدد جا سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن