اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته بريل جو عالمي ڏينهن سڄي دنيا ۾ بصارت ک??ن محروم ماڻهن جي لاءِ تعليم، علم ۽ معلومات حاصل ڪرڻ جو هڪ اهم ذريجو بڻجي ويو، بصارت ک??ن محروم ماڻهن کي تعليم، علم ۽ معلومات ??راهم ڪرڻ جي لاءِ بريل جو استعمال ڪيو وڃي جنهن جي نتيجي ۾ انهن کي معاشي ۽ مالي طور تي بااختيار بڻائڻ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي بريل ڊي جي موقعي تي پيغام ۾ ڪيو. صدر چيو ته اڄ پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ بريل جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي جنهن جو مقصد اکين ک??ن محروم ۽ جزوي طور تي ڏسندڙ ماڻهن جي لاءِ انهن جي انساني حقن جي مڪمل ادراڪ جي لاءِ بريل جي اهميت بابت آگاهي پيدا ڪرڻ آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي 4 جنوري تي بريل کي ياد ڪرڻ ۽ ان تحريري نظام جي خالق لوئس بريل جي سالگرهه جي موقعي تي عالمي ڏينهن طور ملهائڻ جو اعلان ڪيو جيڪو بعد ۾ سڄي دنيا ۾ بصارت ک??ن محروم ماڻهن جي لاءِ تعليم، علم ۽ معلومات حاصل ڪرڻ جو هڪ اهم ذريعو بڻجي ويو. هن چيو ته اڄ اسان جو مقصد اکين ک??ن محروم ۽ جزوي طور تي ڏسندڙ ماڻهن جي لاءِ هڪ تحريري نظام طور بريل بابت عوامي بيداري ک?? وڌائڻ آهي ۽ سمورن بصارت ک??ن محروم ماڻهن کي آڊيو ۽ بريل فارميٽ ۾ قابل پهچ فارميٽ ۾ اهم معلومات ??راهم ڪرڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪرڻ آهي ته جيئن اهي پنهنجي زندگي مان لطف اندوز ٿي سگهن، عوامي جاين تي ايندي انهن کي محفوظ رهڻ ۾ مدد ڪن ۽ انهن کي بيمارين ۽ آفتن بابت ضروري معلومات ??راهم ڪن. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسان پنهنجي سمورن نظامن ۾ بريل جي پهچ کي يقيني بڻائڻ جي پنهنجي عزم جي پڻ توثيق ڪريون ٿا ته جيئن بصارت ک??ن محروم ماڻهو صحت جي سارسنڀال، تعليم ۽ روزگار جي موقعن تائين بنا ڪنهن پريشاني جي پهچ مان لطف اندوز ٿي سگهن، اظهار راءِ ۽ راءِ جي آزادي ۽ سماجي شموليت مان لطف اندوز ٿي سگهن جهڙوڪ معذور ماڻهن جي حقن جي ڪنوينشن جي آرٽيڪل 2 ۾ جنهن تي پاڪستان صحيحون ڪيون آهن. صدر چيو ته هي ڏينهن اسان کي اهو ياد ڏياري ٿو ته بصارت ک??ن محروم ماڻهن کي تعليم، علم ۽ معلومات ??راهم ڪرڻ جي لاءِ بريل جو استعمال ڪيو وڃي جنهن جي نتيجي ۾ انهن کي معاشي ۽ مالي طور تي بااختيار بڻائڻ ۾ مدد ملندي، انهن ۾ غربت، پسماندگي، تشدد، نظرانداز ڪرڻ ۽ بدسلوڪ جي خلاف عزم پيدا ٿيندو ۽ انهن جي پاڻي، صفائي ۽ حفظان صحت، صحت جي سارسنڀال، دماغي صحت ۽ نفسياتي سماجي مدد ۽ ڪم جي هڪ جڳهه تائين پهچ هوندي.
بريل جو عالمي ڏينهن سڄي دنيا ۾ بصارت کان محروم ماڻهن جي لاءِ تعليم، علم ۽ معلومات حاصل ڪرڻ جو هڪ اهم ذريجو بڻجي ويو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : خیبر پختونخوا لاٹری