اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??عو??ي ڊيولپمينٽ فنڊ تحت منصوبن جي حوالي سان فوري اڳڀرائي تي خوشي جو اظهار ڪندي چي?? آهي ته ماضي ۾ انهن منصوبن جي حوالي سان غيرضروري دير ڪئي وئي جنهن جو اسان کي تمام گهڻو نقصان کڻڻو پي?? آهي، ??عو??ي عرب پاڪستان جي مالي مشڪلاتن جي حل، گرانٽ، قرضن جي فراهمي ۽ سيڙپڪاري جي ذريعي سدائين اهم ڪردار ادا ڪي?? آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ??عو??ي ڊولپمينٽ فنڊ جي التوا هيٺ منصوبن جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ ??عو??ي ڊيولپمينٽ فنڊ جي وفد جيڪو پاڪستان جي دوري تي آهي، ان کي به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي هدايت تي ??عو??ي ڊيولپمينٽ فنڊ جي التوا هيٺ منصوبن جي حوالي سان 48 ڪلاڪن ۾ سموريون رڪاوٽون ختم ڪيون ويون آهن ۽ ان سلسلي ۾ لاڳاپيل عملدارن سموري ضروري ڪارروائي به مڪمل ڪري ورتي آهي. وزيراعظم ان حوالي سان اڳڀرائي تي خوشي جو اظهار ڪندي ڪابينا جي لاڳاپيل ميمبرن ۽ آفيسرن کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته اسان کي انهي جوش، جذبي ۽ نيڪ نيتي سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته ماضي ۾ اسان ??عو??ي ڊيولپمينٽ فنڊ جي منصوبن جي حوالي سان غيرضروري دير ڪئي جنهن جو اسان کي تمام گهڻو نقصان کڻڻو پي?? آهي. جڏهن ته هاڻي اسان کي انهي رفتار سان اڳتي وڌڻ?? آهي جنهن رفتار سان گذريل ٻن ڏينهن ۾ ڪابينا جي لاڳاپيل ميمبرن ۽ آفيسرن جي ان گروپ ڪم ڪيو. اجلاس کي ??عو??ي ڊولپمينٽ فنڊ جي منصوبن تي تازي اڳڀرائي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ??عو??ي ڊيولپمينٽ فنڊ تحت مهمند ڊيم پراجيڪٽ، جاگران – IV پراجيڪٽ، شونٽر هائيڊرو پاور پراجيڪٽ ۽ گريويٽي فلو واٽر مانسهره پراجيڪٽ جي حوالي سان سموري ضروري ڪارروائي مڪمل ڪئي وئي آهي ۽ ان سلسلي ۾ معاهدن تي جلد صحيحون ڪيون وينديون. وڌيڪ اهو اجلاس کي ٻڌايو ويو ته نيلم جهلم هائيڊرو پاور پلانٽ ۽ گولن گول هائيڊرو پاور پراجيڪٽ جي حوالي سان سموريون ڏکيائيون ختم ڪيون ويون آهن. بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ نيلم ويلي روڊ جي هڪ سيڪشن ۽ ٻن ٽنلز جي تعمير جي لاءِ پي سي ون تيار ڪئي وئي آهي. وڌيڪ اهو ته مالاڪنڊ ريجن ۾ انفراسٽرڪچر جي تعمير ۽ حياسري اسپتال کي ضروري سامان ۽ فرنيچر جي فراهمي جي منصوبن جي حوالي سان پڻ سمورا مسئلا حل ڪيا ويا آهن. بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير ۽ ايبٽ آباد جي زلزلي ??ان متاثر علائقن جي بحالي جي حوالي سان ??عو??ي ڊيولپمينٽ فنڊ، ايرا، فيڊرل بورڊ آف روينيو ۽ اڪائونٽنٽ جنرل آفيس جي وچ ۾ سمورا معاملا طئي ٿي ويا آهن ۽ ترلائي، اسلام آباد ۾ شاهه سلمان اسپتال جي تعمير جي حوالي سان تيزي سان اڳڀرائي ٿي رهي آهي. وزيراعظم ??عو??ي وفد کي پاڪستان ۾ شمسي توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۽ ديامير ڀاشا ڊيم ۾ فنڊنگ ڪرڻ جي ترغيب ڏني جنهن تي ??عو??ي ڊيولپمينٽ فنڊ جي وفد دلچسپي جو اظهار ڪيو. 17 آڪٽوبر 2022ع تي ??عو??ي ڊيولپمينٽ فنڊ جي وفد سان ملاقات ۾ وزيراعظم ??عو??ي ڊيولپمينٽ فنڊ جي منصوبن ۾ دير تي سخت نوٽيس وٺندي سمورن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي هئي ته ان سلسلي ۾ سموري ضروري ڪارروائي وفد جي پاڪستان ۾ موجودگي دوران پوري ڪري هڪ تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ??عو??ي عرب پرڏيهي معاملن سميت هر محاذ تي پاڪستان جو ساٿ ڏن?? آهي، ??عو??ي قيادت پاران پاڪستان کي سدائين غير??شر??ط حمايت ۽ مدد حاصل رهي آهي. وزيراعظم چيو ته تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ??عو??ي عرب پاڪستان جي هر ممڪن مدد ڪئي. هن ان سلسلي ۾ خادم حرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ال??عو?? ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان عبدالعزيز جا خاص طور تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته ??عو??ي عرب پاڪستان جي مالي مشڪلاتن جي حل، گرانٽ ۽ قرضن جي فراهمي ۽ سيڙپڪاري جي صورت ۾ سدائين اهم ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم چيو ته ??عو??ي عرب جي خوشحالي ۽ سيڪيورٽي پاڪستان جي خوشحالي ۽ سيڪيورٽي آهي ۽ اسان هر طريقي سان ??عو??ي عرب جي حمايت جاري رکنداسين. ??عو??ي ڊيولپمينٽ فنڊ وفد جي قيادت ??عو??ي ڊيولپمينٽ فنڊ جي جنرل ڊائريڪٽر ايشيا ڊاڪٽر ??عو?? اي ايشمري ڪئي. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير سردار اياز صادق، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، خاص معاونين طارق فاطمي ۽ جهانزيب خان، پاڪستان ۾ ??عو??ي عرب جي سفير نواف سعيدالمالڪي ۽ لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کانپوءِ ??عو??ي ڊيولپمينٽ فنڊ جي وفد جي مان ۾ مانجهاندي جو اهتمام پڻ ڪيو ويو.
وزيراعظم پاران سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ تحت منصوبن جي حوالي سان فوري اڳڀرائي تي خوشي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : estatísticas quina