نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) ماحولياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان نيويارڪ ۾ ڪلائميٽ اينڊ ڊيولپمينٽ وزارتي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي موقعي تي برطانيا ۽ روانڊا پاران منعقد اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ماحولياتي بحران آڏو فرنٽ لائين ۾ بيٺل آهي، دنيا کي بحث مباحثي مان نڪري فيصلا ڪرڻا پوندا. هن چيو ته پاڪستان گرين هائوس گيسز جي مجموعي اخراج ۾ هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصيدار آهي، ان جي باوجود اسان جنهن سطح جو نقصان برداشت ڪري رهي?? آهيون ان جو ??ير ڪاٿو نه ٿو لڳائي سگهي. شيري رحمان چيو ته پاڪستان ۾ رڪارڊ برساتن کانپوءِ تاريخي ٻوڏ غيرمعمولي تباهي مچائي آهي، برساتن ۽ ٻوڏ جي مختلف واقعن ۾ 1500 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ 12860 زخمي ٿي?? آهن. هن چيو ته برساتن ۽ ٻوڏ جي ڪري 3 ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر جڏهن ته 20 لک کان وڌيڪ گهرن کي نقصان ٿيو آهي، هڪ وقت ۾ ٽيڻ تي پاڪستان پاڻي ٻوڏ هيٺ آهي. شيري رحمان چيو ته ٻوڏ واري پاڻي جي نڪرڻ ۾ ڪيترائي مهينا لڳي ويندا، ٻوڏ جي پاڻي سان پيدا ٿيندڙ بيمارين جي ڪري ملڪ ۾ صحت جو نئون بحران پيدا ٿي ويو آهي، رڳو سنڌ جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ قائم هيلٿ ڪئمپسز ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 78000 مريض آي?? آهن. هن چيو ته ڪيترائي شهر ۽ ڳوٺ اڃا به ڪيترائي فوٽ ٻوڏ واري پاڻي ۾ ٻڏل آهن، خوفناڪ ٻوڏ سان ٿيندڙ معاشي نقصان جو ??اٿو 30 ملين ڊالر کان وڌيڪ لڳايو پيو وڃي. وفاقي وزير چيو ته اسان ماحولياتي تبديلين جو سبب نه ٿا بڻجون پر پوءِ به اسان قدرتي آفتن کي منهن ڏئي رهي?? آهيون، اسان جون ڍنڍون وِگهري رهيون آهن، اسان کي شديد گرمي جي لهر، سوڪهڙي ۽ ٻوڏ جهڙين آفتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هن چيو ته ترقي يافته ملڪن کي پنهنجي ڪاربان فوٽ پرنٽ کي تسليم ڪرڻ ۽ اخراج کي محدود ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻڻا پوندا، ماحولياتي تبديلي جا اثر رڳو پاڪستان تائين محدود نه رهندا ڇو ته ماحولياتي تبديلي جي اثرن ۽ تباهين جي ڪا سرحد نه آهي.
پاڪستان ۾ ٿيل نقصان جو ڪوبه ڪاٿو نٿو لڳائي سگهي: شيري رحمان
مضمون کا ماخذ : ہرکیولس اور پیگاسس