اسلام آباد – 14 – سي??ٽمبر (اي پي پي) آءِ پي يو ايشيا پيسفڪ ريجن سي??ينار جو ”عورتون ترقي جي ايجنڊا جو مرڪز آهن“ جي موضوع تي پلينري سيشن پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. انساني حقن بابت پارلياماني سيڪريٽري سيده نوشين افتخار صدارت ڪئي. پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي عورتن جي ??ما??نده ڊاڪٽر فهميده مرزا، ڊاڪٽر نفيسا شاهه، ڪشور زهره، ڊاڪٽر عائشه غوث پاشا، پارلياماني ڪاڪس جي ??ما??نده شاهده رحماني ۽ هراسمينٽ بابت وفاقي محتسب ڪشمالا طارق شرڪت ڪئي. اجلاس جي صدارت ڪندڙ سيده نوشين افتخار سيشن کي آگاهه ڪيو ته ايشيا پيسفڪ ريجن ۾ عورتن جي ڪم ڪرڻ جي حق ۽ ڪم جي جاين تي غيررسمي ۽ روزگار جي کوٽ وڏيون رڪاوٽون آهن. هن چيو ته 20 اسرندڙ ايشيائي ملڪن ۾ عورتن جي افرادي قوت جو اٽڪل 40 سيڪڙو حصو آهي پر ان مان رڳو 14.4 سيڪڙو اعليٰ انتظامي عهدن تي فائز آهي جڏهن ته عالمي سراسري 27.9 سيڪڙو آهي. ڪشمالا طارق خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان هراسمينٽ جي خلاف اڳتي وڌي رهيو آهي. گذريل چئن سالن ۾ اسان 5000 ڪيسز حل ڪيا آهن ۽ ايست??ئي?? جو اعليٰ عملدارن ت??ئي?? کي معطل ڪيو ويو آهي جن ۾ يورپ ۾ مقرر هڪ سفير ۽ پوليس آفيسر کي هراسان ڪرڻ جي الزام ۾ سزا ڏني وئي. پاڪستان پهريون ملڪ هو جنهن مخصوص سي??ن تي عورتن جي ??ما??ندگي شروع ڪئي ۽ هاڻي پارليامينٽ جو 30 سيڪڙو حصو عورتن تي ٻڌل آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته آءِ پي يو کي مردن جي برابر جنرل سي??ن تي عورتن جي ??ما??ندن کي فروغ ڏيڻ تي وڌيڪ ڌي??ن ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته جڏهن ڪنهن ملڪ پاران عورتن کي بااختيار بڻائڻ جون ڪوششون ڪيون وينديون ته پاڪستان ان سلسلي ۾ دنيا سان شامل هوندو. پاڪستان ۾ عورتن جي شڪايتن جي داخلا ۽ ازالي جي لاءِ جديد ترين ويب س??ئي?? شروع ڪئي آهي. گڏيل قومن جي پاڪستان ۾ عورتن بابت ??ما??نده هڪ تفصيلي پريزنٽيشن پيش ڪئي جنهن ۾ تازي ٻوڏ دوران متاثر ٿيندڙ عورتن جي خراب حالت ۽ قانونسازي جي عمل ۾ عورتن جي مدد جي لاءِ پاڪستان پاران کنيل قدمن تي روشني وڌي وئي. عورتن جي پارلياماني ڪاڪس پاران شاهده رحماني اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ڪاڪس عورتن، کدڙا فقيرن ۽ خصوصي ضرورتون رکندڙ ماڻهن جي حقن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن. هن چيو ته پارليامينٽ جي بزنس ۾ عورتن جو حصو 70 سيڪڙو آهي.
آءِ پي يو ايشيا پيسفڪ ريجن سيمينار ۾ عورتون ترقي جي ايجنڊا جو مرڪز آهن جي موضوع تي پلينري سيشن
مضمون کا ماخذ : melhores loterias do Brasil