لاڙڪاڻو-10 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل ??وم?? جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش چيو آهي ته پاڪستان ۾ ٻوڏ جون تباهڪاريون خطرناڪ آهن، پاڪستان ٻين ملڪن جي پيدا ڪيل آلودگي کان سڌو سنئون متاثر ٿي رهيو آهي، ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن کي پورو ڪرڻ اڪيلي پاڪستان جي وسيلن سان ممڪن نه آهي، دنيا جي ذميداري آهي ته هن مشڪل گهڙي ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان گڏيل ??وم?? جي سيڪريٽري جنرل لاڙڪاڻي ۾ ٻوڏ سبب متاثر ڪيمپ جو دورو ڪيو، ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ڳالهائيندي چيو ته گڏيل ??وم?? جو سيڪريٽري جنرل هتي ٻوڏ سبب متاثر علائقن جي صورتحال ڏسڻ آيو آهي، ان خطرناڪ ٻوڏ ۾ 1300 کان و??يڪ ماڻهو فوت ٿيا، هزارين زخمي، لکين گهر تباهه ٿيا، وڏي پئماني تي بيٺل فصلن کي نقصان پهتو، سنڌ ۾ سڀ کان و??يڪ تباهي ٿي آهي، هر طرف پاڻي ئي پاڻي آهي، گڏيل ??وم?? جو سيڪريٽري جنرل متاثرن سان همدردي لاءِ هتي آيو آهي، توهان جي مشڪلاتن ۽ تڪليفن جو احساس آهي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومت گڏجي توهان جي خدمت ۾ حاضر آهي، هن چ??و ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي 25 هزار روپيا في خاندان متاثرن ۾ ورهايا پيا وڃن، ان لاءِ وفاق 70 ارب روپيا فراهم ڪري رهيو آهي، گڏيل ??وم?? جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش چيو ته گڏيل ??وم?? طرفان ان خطرناڪ سانحي ??ي توهان سڀني سان يڪجهتي ۽ همدردي جو اظهار ڪري ٿو، ماضي ۾ چوماسي دوران مختلف ملڪن ۾ برساتون ڏٺيون آهن، ترقي يافته ملڪن ماحوليات کي آلوده ڪري ڇڏيو آهي، صنعتن جي ڪري آلودگي زمين جي گرمي پد ۾ وڏي حد تا??ين اضافو ڪري ڇڏيو آهي، گليشيئرز تيزي سان پگهرجي رهيا آهن جنهن سان ٻوڏ اچي رهي آهي، اها صورتحال پاڪستان کي به درپيش آهي، هن چ??و ته پاڪستان ان ماحولياتي آلودگي جو ذميدار نه آهي پر ٻين ملڪن جي پيدا ڪيل آلودگي جو شڪار آهي، هن چ??و ته پاڪستان جي موجوده صورتحال وڏي پئماني تي مدد جي ضرورت آهي، هو آلودگي جي ڪري موسميا??ي تبديلين جو شڪار آهي، ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ ن??ين سر تعمير جي مرحلي، گهرن جي تعمير، آبادگارن جي نقصانن جي ازالي لاءِ ان کي وڏن وسيلن جي ضرورت آهي، تنهن هوندي به اڪيلو پاڪستان ايترا وسيلا نٿو رکي جو هو ان جو ازالو ڪري سگهي، جن ملڪن اهي حالتون پيدا ڪيون هي انهن جي ذميداري آهي ته هو ان صورتحال مان نڪرڻ ۾ پاڪستان جي مدد ڪن، سيڪريٽري جنرل چيو ته آلودگي جو سبب بڻجندڙ ملڪ فطرت جي خلاف پنهنجي جنگ بند ڪن، اهو ڪنهن به طور تي مناسب نه آهي، موسميا??ي تبديلين جي حالتن جو سبب بڻجندڙ آلودگي کي روڪين، هن چ??و ته مشڪل جي هن گهڙي ۾ جيڪو آواز پاڪستان جو آهي اهو ئي گڏيل ??وم?? جو به آهي، هن چ??و ته اسان کي موجوده صورتحال سبب پيدا ٿيل مسئلن ۽ تڪليفن جو احساس آهي، ان لاءِ گڏيل ??وم?? جي پليٽ فارم تان ڀرپور آواز اٿارينداسين. هن چ??و ته ٻِهراڙي جي علائقي ۽ خانداني آبادگاري جي شعبي سان لاڳاپيل ناطي هو آبادگارن جي ٿيندڙ نقصانن کي سمجهي ٿو. هن دعا ڪئي ته ڪو اهڙو معجزو ٿي وڃي جو توهان جي سمورن نقصانن جو ازالو ممڪن ٿئي، ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته متاثرن لاءِ في خاندان 25 هزار روپيا وفاق طرفان پيش ڪرڻ تي وزيراعظم جا ٿورائتا آهيون، متاثرن جي ان روڪ امداد مان ڪجهه نه ڪجهه داد رسي ٿي رهي آهي، هن چ??و ته گڏيل ??وم?? جي سيڪريٽري جنرل ان ڏک درد ۾ شريڪ ٿي رهيو آهي ته جيڪا تاريخي ڳالهه آهي، هن چ??و ته عالمي دنيا سان گڏجي وفاقي ۽ صوبائي حڪومت اهڙو منصوبو جوڙيندي ته آئنده ٻوڏ سبب انفرااسٽرڪچر کي ان قدر نقصان نه پهچي.
پاڪستان ۾ ٻوڏ جون تباهڪاريون خطرناڪ آهن، پاڪستان ٻين ملڪن جي پيدا ڪيل آلودگي کان سڌو سنئون متاثر ٿي رهيو آهي، ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن کي پورو ڪرڻ اڪيلي پاڪستان جي وسيلن سان ممڪن نه آهي: انتونيوگوتريش
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے سستے ٹکٹ