اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اڱاري تي ايران روانو ٿي ويو آهي. کيس دوري جي دعوت ايراني هم منصب ڊاڪٽر امير عبداللهيان ڏني آهي، پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ايراني هم منصب سميت ٻين حڪومتي عهديدارن ??ان به ملاقاتون ڪندو. پرڏيهي وزير پنهنجي ايراني هم منصب ??ان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو، پرڏيهي وزير جي حيثيت ??ان ايران جي پنهنجي پهرين دوري دوران بلاول ڀٽو زرداري ايراني صدر ??ان به ملاقات ڪندو، پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ٿيندڙ ڳالهين دوران ٻطرفن لاڳاپن جي سڀني رخن جو جائزو ورتو ويندو. جنهن ۾ واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا، ايران کان بجلي جي فراهمي، سرحدي غذائي منڊين، روڊ ۽ ريل رابطا ۽ زائرين جي سهولتن جي فراهمي شامل آهن. ڳالهين ۾ علائقائي سلامتي جي صورتحال جو جائزو به ورتو ويندو. خاص طور تي افغان سميت ڏکڻ ايشيا جي مجموعي صورتحال ??ان گڏوگڏ سلا??و فوبيا کي منهن ڏيڻ تي ڌيان ڏنو ويندو، پرڏيهي وزير سڀاڻي اربع ڏينهن مشهد جو د??رو ڪندو، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو ايران جو د??رو ٻن ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطح جي گڏيل مٽاسٽا جو حصو آهي، اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته پاڪستان ۽ ايران گڏيل جاگرافيائي، ثقافتي وابستگين ۽ تاريخي رابطن جي بنياد تي ويجهي عوامي لاڳاپن ??ان جڙيل آهن.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ايران روانو
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری