اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته لُٽ مار ڪندڙن جو ٽولو چونڊيل وزيراعظم عمران ??ان جي خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ لاءِ متحد ٿي ويو آهي ته جيئن ماضي ۾ اقتدار جي دوران لُٽيل قومي دولت کي بچائي سگهجي. پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پي ٽي آءِ جي سمورن قومي اسيمبلي ميمبرن جي پارليامينٽ ۾ موجودگي وزيراعظم عمران ??ان جي ٿورن سان آهي، ڇو ته هنن پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي اليڪشن کٽيو هو، هن چيو ته تقريبن 170 ملين ماڻهن وزيراعظم کي ووٽ ڏنو هو ۽ سمورن اميدوارن کي پا??ست??ن تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي ٽڪيٽ جي ڪري ووٽ مليا آهن، پي ٽي آءِ جا جيڪي ميمبرن وزيراعظم عمران ??ان جي نالي تي ڪامياب ٿيا آهن اهي پهرين پنهنجي سيٽن تان مستعفي ٿين ۽ نئين سري سان اليڪشن وڙهن. فرخ حبيب چيو ته پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي چونڊيل ماڻهو جي لاءِ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته هو ڪنهن ٻي پارٽي جي اميدوار کي ووٽ ڏي. مملڪتي وزير چيو ته هن پنهنجي تڪ جي ماڻهن کان 125000 کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا پر ووٽ وزيراعظم عمران ??ان کي ڏنا ويا، هن چيو ته سپري?? ڪورٽ آف پا??ست??ن کي آرٽيڪل 63 اي تي صدارتي ريفرنس جي تشريح ڪري ان معاملي کي حل ڪرڻ گهرجي، جمهوريت جي تسلسل ۽ مضبوطي جي لاءِ ضروري آهي ته سپري?? ڪورٽ هارس ٽريڊنگ جو رواج ختم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي تشريح ڪري، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته مخالف ڌر ڇانگامانگا طرز جي سياست کي ٻيهر متعارف ڪرايو آهي ۽ سنڌ هائوس چونڊيل ميمبرن جي وفادارين جو نيلام گهر بڻجي چڪو آهي، مخالف ڌر پاران سينيٽ اليڪشن دوران به هارس ٽريڊنگ ڪئي وئي، هن چيو ته اهو وزيراعظم عمران ??ان هو جنهن پنهنجي پارٽي جي ايم پي ايز ي ڪي پي ڪي مان ڪڍيو، جنهن پارٽي ڊسيپلين جي خلاف ورزي ڪئي ۽ پنهنجا ووٽ وڪرو ڪيا، ميڊيا جي نمائندن جي سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو ته وزيراعظم عمران ??ان مقبول ترين اڳواڻ آهي جنهن کي عوام جي حمايت حاصل آهي، هن چيو ته عمران ??ان کي پنهنجي جلسن م ماڻهن کي آڻڻ لاءِ پٽوارين جي تع??ون جي ضرورت نه هئي، هن چيو ته 27 مارچ تي ”عوامي ريلي پلس“ هوندي ۽ ان ۾ رڪارڊ تعداد ۾ ماڻهن جي شرڪت هوندي.
لُٽ مار ڪندڙ ٽولو چونڊيل وزيراعظم خلاف متحد ٿي ويو آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : estratégias para loteria