اسلام آباد – 24 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته معاشري ۾ صحت ۽ تعليم سميت سماجي مسئلن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ ڪميونٽي ورڪرز کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري انهن جي صلاحيتن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي، صحت، تعليم سميت سماجي خدمتن جي فراهمي مديني جي رياست جو ويزن آهي ۽ پاڪستان تهريڪ انصاف جي موجوده حڪومت انهي ويزن تي عمل ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحت سه??لت پروگرام تحت سماجي عوامي صحت جي تحفظ کي مستحڪم بڻائڻ جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان تقريب جو اهتمام هيلٿ سروسز اڪيڊمي ۽ جرمني جي اداري جي آءِ زيڊ ڪيو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ??رمني جو صحت جي سه??لتن جي فراهمي جي حوالي سان تاريخي ۽ پراڻو تجربو آهي، پاڪستان تهريڪ انصاف قائم ٿيڻ جي موقعي تي جيڪو منشور تيار ڪيو ويو ان ۾ تعليم ۽ صحت جي شعبي کي ترجيح ڏني وئي ڇو ته ??امجي خدمتن جي حوالي سان صحت ۽ تعليم جي فراهمي مديني جي رياست جو ويزن هو، جن قومن صحت ۽ تعليم کي ترجيح ڏني انهن قومن ترقي ڪئي. هن چيو ته ??حت خراب ٿيڻ تي محنت جي ڪمائي علاج تي خرچ ٿي وڃي ٿ??، غريب ماڻهو پنهنجو علاج ڪرائڻ جي لاءِ پنهنجي ملڪيت وڪرو ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا ۽ خاندان جو مالياتي نظام متاثر ٿئي ٿو. هن چيو ته ??يماري کان بچاءُ، وقت سر سُڃاڻپ ۽ علاج سان ئي ان جي روڪٿام يقيني بڻائي سگهجي ٿي. هن چيو ته ??حت سه??لت ڪارڊ بهترين قدم آهي، خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب ۾ شهرين کي صحت سه??لت ڪارڊ فراهم ڪيو ويو آهي ۽ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ به جلد اها سه??لت فراهم ڪئي ويندي، ان ڪارڊ سان پوري ڪميونٽي جي انشورنس ٿيندي، ان ڪارڊ جي استعمال جو جائزو وٺڻ پڻ ضروري آهي، هيلٿ سروسز اڪيڊمي کي ان جي ذميواري ڏني وئي آهي. هن چيو ته ??حت ڪارڊ ۾ ڪرپشن جو ڪو امڪان نه آهي. هن چيو ته ??ن لائين تعليم سستي آهي ۽ آن لائين طريقي سان ڏورانهن علائقن ۾ تعليم فراهم ڪري سگهجي ٿي، اهڙي طرح صحت جي شعبي ۾ جديد ذريعن جو استعمال ڪيو پيو وڃي. هن پوليو کي ختم ڪرڻ جي حوالي سان صحت واري وزارت کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته پوليو ورڪرز پوليو جي خاتمي لاءِ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن. صدر چيو ته ??حت سميت ٻين شعبن ۾ سماجي خدمتن جي فراهمي لاءِ هيلٿ ورڪرز ۽ ڪميونٽي ورڪرز جي خدمتن مان فائدو کڻڻ گهرجي، معاشرتي مسئلن جي حل ۾ مسلمان معاشري ۾ مسجدن کي مرڪزي حيثيت حاصل آه??، عالم سڳورن، دانشورن ۽ ڪميونٽي جي ورڪرز کي سماجي مسئلن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪر??ار ادا ڪرڻ گهرجي، مسجدن کي اسڪول کان ٻاهر ٻارن کي تعليم ڏيڻ ۽ تعليم بالغان جي لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿي، خيبرپختونخواهه ۾ مسجد جي امام کي ماهوار وظيفو ڏنو وڃي ٿو. هن چيو ته ??وراڪ جي کوٽ، ٻارن ۾ غذائي کوٽ سميت ٻين مسئلن بابت ڪميونٽي ورڪرز کي پنهنجو ڪر??ار ادا ڪرڻ گهرجي، ٻارن ۾ غذائي کوٽ تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ماءُ جو کير پيارڻ ضروري آهي. هن پاڪستان ۾ صحت جي شعبي ۾ تعاون تي جرمن حڪومت جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي قومي صحت واري پارلياماني سيڪريٽري ڊاڪٽر نوشين حامد چيو ته ??يبرپختونخواهه ۽ پنجاب صوبي ۾ يونيورسل هيلٿ ڪوريج جي سه??لت ڏني پئي وڃي، ان قدم سان صحت جي سه??لتن جي فراهمي جي معيار ۾ بهتري آئي آهي، ڪيتري ئي آبادي کي صحت جي هڪ جهڙين سه??لتن جي فراهمي وڏو چئلينج آهي. هن چيو ته ??رمن ڊيولپمينٽ ڪارپوريسن (جي آءِ زيڊ) پاڪستان جو وڏو حصي??ار آه??، عوام ۾ صحت جي دستياب سه??لتن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ اهم آهي. جرمن سفارتخاني جي ڊپٽي هيڊ آف مشن ڊاڪٽر فلپ چيو ته ??رمني پاڪستان ۾ سماجي تحفظ جي لاءِ صحت سه??لت پروگرام ۾ ڀرپور معاونت ڪري رهيو آهي، اهو پائي??ار ترقي هدفن جو به اهم نقطو آهي. هيلٿ سروسز اڪيڊمي جي وائيس چانسلر شهزاد علي خان صحت سه??لت پروگرام جا مقصد بيان ڪيا.
صحت، تعليم سميت سماجي خدمتن جي فراهمي مديني جي رياست جو ويزن آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : پاور بال انعامات