ڪراچي – 02 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فا??ي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته سنڌ جي عوام صحت ڪارڊ جي سهولت کان محروم آ??ي، سنڌ جو وڏو وزير ۽ پيپلزپارٽي خبر نه آهي سنڌ جي عوام کان ڪهڙي شيءَ جو بدلو وٺ?? رهيا آهن، شهباز شريف نواز شريف جي واپسي لاءِ بيان حلفي جمع ڪرايو پر نواز شريف واپس نه آيو، نواز شريف جي واپسي جي لاءِ اٽارني جنرل کي چيو ويو آهي ته هو اهو معاملو عدليه آڏو اٿاري، فنانس ترميمي بل تي سمورا اتحادي اسان سان گڏ آهن. صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري ??فا??ي وزير چيو ته پنجاب ۾ صحت ڪارڊ جي سهولت فراهم ڪئي وئي آ??ي، صحت ڪارڊ زبردست پروگرام آهي جنهن تحت سرڪاري ۽ نجي اسپتالن مان علاج جي سهولت حاصل ڪري سگهجي ٿي، صحت ڪارڊ پروگرام شروع ٿيڻ سان ملڪ ۾ وڌيڪ نجي اسپتالون ٺهڻ شروع ٿينديون، فنڊن جي دستيابي سان سرڪاري اسپتالن جي حالت به بهتر ٿيندي. هن چيو ته سنڌ جي شهرين کي صحت ڪارڊ جي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت کي پروگرام ۾ شامل ٿيڻ گهرجي، پنجاب، خيبرپختونخواهه، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ اهو پروگرام شروع ٿي چڪو آ??ي، بلوچستان ۾ به اهو منصوبو شروع ٿ?? رهيو آ??ي، سنڌ واحد صوبو آهي جيڪو ان پروگرام ۾ شامل نه آهي. هن چيو ته راشن پروگرام ۾ به سنڌ حصو نه وٺ?? رهيو آ??ي، راشن پروگرام ۾ اٽي، گيهه ۽ دالين تي 30 سيڪڙو تائين رعايت ڏني پئي وڃي، سنڌ حڪومت جي ڪري سنڌ جي شهرين کي اها سهولت به ميسر نه ٿيندي. هن چيو ته خبر نه آهي مراد علي شاهه ۽ پيپلزپارٽي سنڌ جي ماڻهن کان ڪهڙي شيءَ جو بدلو وٺ?? رهيا آهن. اطلاعات واري ??فا??ي وزير چيو ته ملڪ جي صورتحال ۾ بهتري اچ?? رهي آ??ي، فنانس (ترميمي) بل اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو آ??ي، اميد آهي 15 کان 20 جنوري تائين اهو بل منظور ٿي ويندو. هن چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام سان پاڪستان ۾ معاشي صورتحال وڌيڪ بهتر ٿيندي، رپئي جي قدر ۾ استحڪام اچ?? رهيو آ??ي، پاڪستان جي اندر مهانگائي جا اثر عالمي منڊي ۾ قيمتن ۾ اضافي جي ڪري پيا، تيل، گيهه ۽ داليون ٻاهرئين ملڪ مان برآمد ڪيون وڃن ٿيون، عالمي منڊي ۾ انهن جي قيمتن ۾ اضافو ٿئي ته هتي به انهن جون قيمتون وڌن ٿيون. هن چيو ته اسان زرعي شعبي تي ڌيان ڏنو، اسان جي 5 وڏين فصلن جي تاريخي پيداوار ٿي، 1100 ارب رپيا ر??رل اڪانومي ۾ منتقل ٿيا، 100 وڏين ڪمپنين 929 ارب رپين جو منافعو ظاهر ڪيو آ??ي، ميڊيا هائوسز جي منافعي ۾ به 33 کان 40 سيڪڙو اضافو ٿيو، ايترو منافعو ڪمائڻ جي باوجود ميڊيا هائوسز ۽ ڪمپنين پنهنجي ملازمن جي پگهارن ۾ اضافو نه ڪيو. هن چيو ته مفتاح اسماعيل جي ڪمپني ڪينڊي لينڊ تاريخي منافعو ڪمايو جنهن تي کيس مبارڪباد پيش ڪريان ٿو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ سندس ڪمپني ايترو وڏو منافعو ڪمايو. اطلاعات واري ??فا??ي وزير چيو ته عوام جي صحت جا خرچ حڪومت برداشت ڪر?? رهي آ??ي، راشن پروگرام ۾ 30 سيڪڙو رعايت ڏني آ??ي، اڄ پاڪستان ۾ صنعتون بحال ٿيون آهن، پاڪستان جي معيشت 5 سيڪڙو جي شرح سان ترقي ڪر?? رهي آ??ي، پاڪستان ڀرپور طريقي سان ڪورونا وبا جو مقابلو ڪيو، آمريڪا ۾ گذريل هفتي 2500 فلائيٽس ملتوي ٿيون، اسان وٽ صورتحال بهتر آهي. هن چيو ته اسان پنهنجي شهرين کي مفت ويڪسين فراهم ڪئي، ويڪسي نيشن جي لاءِ جيڪو هدف مقرر ڪيو، اهو الحمدالله پورو ڪيو، اڄ پاڪستان معاشي استحڪام طرف واپس اچ?? رهيو آ??ي، عالمي منڊي ۾ توانائي ۽ ڪموڊيٽي جون قيمتون گهٽ ٿيڻ جو فائدو عوام کي ٿيندو. چوڌري فواد حسين چيو ته انشاءَ الله نئون سال پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جو سال هوندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته فنانس (ترميمي) بل تي سمورا اتحادي اسان سان گڏ آهن، جڏهن اسحاق ڊار ناڻي وارو وزير هو ته اسٽيٽ بئنڪ جو ڊپٽي گورنر ان لاءِ مني لانڊرنگ ڪر?? رهيو هو، تحريڪ انصاف جي منشور ۾ شامل آهي ته اسان کي ادارن کي آزاد ۽ خودمختيار بڻائڻو آ??ي، اسٽيٽ بئنڪ جو آزاد ۽ خودمختيار ٿيڻ پاڪستان ۽ پاڪستان جي معيشت جي مفاد ۾ آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته شهباز شريف نواز شريف جي واپسي لاءِ بيان حلفي جمع ڪرايو هو، نواز شريف واپس نه اچ?? رهيو آهي ته اٽارني جنرل کي چيو ويو آهي ته هو ان معاملي کي عدليه آڏو اٿاري. هن چيو ته 30 سالن جون خرابيون ٽن سالن ۾ ختم نه ٿيون ڪري سگهجن، اڳوڻين حڪومتن انڊسٽري کي تباهه ڪيو، 1947ع کان وٺي 2008ع تائين اسان جو ڪل قرض 6 ٽريلين هو، 2008ع کان 2018ع تائين اهو قرض 23 ٽريلين تائين پهچي ويو، 32 ارب ڊالر قرض اسان واپس ڪري چڪا آهيون، 5 سالن ۾ مجموعي طور تي 55 ارب ڊالر قرض واپس ڪرڻو آ??ي، هي اهو قرض آهي جيڪو ماضي جي حڪومتن ورتو، ايترن قرضن جي باوجود اسان انڊسٽري، زراعت، تعميرات جي شعبي کي بحال ڪيو، اڄ پاڪستان پنهنجي پيرن تي بيٺل آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ جي بورڊ آف گورنرز جي مقرري حڪومت کي ڪرڻي آ??ي، اسان اسٽيٽ بئنڪ ڪنهن کي گروي ناهي ڪئي، گذريل ٽن سالن ۾ اسان هڪ رپيو اسٽيٽ بئنڪ کان قرض ناهي ورتو، نواز شريف ۽ اسحاق ڊار ٽريلين رپيا اسٽيٽ بئنڪ کان قرض ورتو. چوڌري فواد حسين چيو ته اسان آزاد ۽ خودمختيار ادارن تي يقين رکون ٿا، اسٽيٽ بئنڪ جي آزادي پاڪستان جي مفاد ۾ آهي. هن چيو ته تيل جي قيمتن جو تعين اوگرا ڪري ٿو، عالمي منڊي ۾ قيمتون گهٽ ٿينديون ته هتي به گهٽ ٿينديون. هن چيو ته جڏهن تيل جون قيمتون وڌن ٿيون ته ميڊيا ۾ هيڊ لائينز شايع ڪيون وڃن ٿيون پر جڏهن گهٽ ٿين ٿيون ته ميڊيا ان تي خاموش رهي ٿي. هڪ سوال تي هن چيو ته هن وقت پوري دنيا ۾ يوريا جي قيمت 10 هزار رپيا في ٻوري آ??ي، پاڪستان ۾ 1700 کان 2000 رپيا قيمت آ??ي، هڪ ٽرڪ يوريا جي ٻاهر هلي وڃي ته ان سان 72 کان 78 لک رپيا ڪمائي سگهجن ٿا. هن چيو ته جڏهن به ڪنهن شيءَ جي بليڪ مارڪيٽنگ ٿئي ته سنڌ ۾ ان جي ڊيمانڊ وڌي وڃي ٿي. هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ گذريل سال سڀ کان وڌيڪ يوريا جي پيداوار ٿي.
سنڌ جي عوام صحت ڪارڊ جي سهولت کان محروم آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے اعدادوشمار