اسلام آباد -19 آڪٽوبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير پير نور الحق قادري چيو آهي ته نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي اسوه حسنه تي عمل ڪرڻ گهرجي، اسان کي دنيا ۽ آخرت سنوارڻ لاءِ نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جن جي سيرت مبارڪه تي عمل جي ضرورت آهي.
نماز مؤمن جو معراج آهي، اڄوڪي ڏينهن اسان جي پياري نبي حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن سان وفا جي عهد جي تجديد جو ڏينهن آهي، انساني تاريخ م سڀ کان مبارڪ ڏينهن 12 ربيع الاول جو ڏينهن آهي. اهڙو اظهار هن قومي رحمت ال??عا??مين ڪانفرنس کي خطاب ڪن??ي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته قومي رحمت ال??عا??مين ڪانفرنس منعقد ڪرڻ تي مبارڪون پيش ڪيان ٿو، جن ماڻهن ان حوالي سان ڪوشش ڪئي الله تعاليٰ سندن ڪوششن کي قبول فرمائي.
هن چيو ته اڄوڪي ڏينهن جي حوالي سان علامه اقبال فرمايو هو ته ”ڪي محمد سي وفا توني تو هم تيري هين، يه جهان چيز هي ڪيا، لوهه و قلم تيري هين.“ هن چيو ته وزيراعظم عمران خا?? طرفان رحمت ال??عا??مين اٿارٽي قائم ڪرڻ هڪ احس?? قدم آهي. هن چيو ته وزيراعظم اڄ جيڪو ڪم ڪيو آهي، اهو اڄ کان 70 سال پهرين ٿيڻ گهرجي ها. هن چيو ته اڄ جو نوجوان اسوه حسنه تي عمل پيرا ٿي ڪامياب ٿي سگهي ٿو.