اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغانستان ۾ هڪ ٺوس حڪومت پاڙيسري ملڪن جي خواهش آهي، داعش مان ڇوٽڪاري جي لاءِ طالبان بهترين ۽ واحد آپش آهن، ا??هن کي اڪيلو ڪرڻ ۽ پابنديون هڻن سان افراتفري ۽ انساني بحران جنم وٺي سگهي ٿو، افغانستان ۾ افراتفري سان سڀ کان وڌيڪ پاڪستان متاثر ٿيندو، افغانستان مان انخلا کانپوءِ جي حالتن سان آمريڪي صدمي ۾ آهن، آمريڪا کي قائداڻو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، آمريڪي عوام کي اصل صورتحال کان ڪڏهن به آگاهه ئي نه ڪيو ويو، تحريڪ طالبان پاڪستان جي جن ماڻهن سان صلح ٿي سگهي ٿي ا??هن سان ڳالهين جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ڪشمير پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ هڪ تڪراري علائقو آهي، پاڪستان ا??هن کي الحاق کانسواءِ به آپشن ڏنو آهي، جيڪڏهن اهي آزاد ملڪ طور رهڻ چاهين ٿا ته ا??هن کي اهو جمهوري حق حاصل هوندو، اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جي حوالي سان وچ اوڀر جي ڪ??هن ملڪ ??سا?? تي دٻاءُ ناهي وڌو، پاڪستان هڪ جمهوري ملڪ آهي، هو پنهنجي عوام کي اعتماد ۾ وٺن کانسواءِ ڪو فيصلو نه ٿو ڪري سگهي، دهشتگردي جو اسلام سان تعلق ڳنڍن صحيح نه آهي، نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن پاڪستان جو دورو ملتوي ڪري مايوس ڪيو. وزيراعظم عمران خان مڊل ايسٽ آئي کي انٽرويو ڏيندي چيو ته افغانستان مان آمريڪي انخلا کانپوءِ پيدا ٿيندڙ واقعا اڃا ارتقائي مرحلن ۾ آهن، خبر نه آهي ته اهي ڪهڙي طرف ويندا، آمريڪا جي انخلا کانپوءِ اتي هڪ خال پيدا ٿيندو، هر ڪو سمجهي ٿو ته هي هڪ زبردست موقعو آهي ڇو ته افغانستان ا??هن سمورن ملڪن جي لاءِ هڪ واپاري گذرگاهه آهي، وچ ايشيائي ملڪ افغانستان جي رستي بحر هند ۽ پاڪستان تائين پهچ حاصل ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته آمريڪا يا چين جو طرفدار هجڻ جي سوال بدران اقتصادي تعاون ۽ اقتصادي رابطو هجڻ گهرجي جيڪو هن خطي جي ضرورت آهي ۽ ??سا?? اها ئي اميد ڪريون ٿا. افغانستان جي موجوده صورتحال جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته 20 سالا گهرو ويڙهه سان افغانستان ۾ وڏي پئماني تي تباهي ٿي، حقيقت ۾ افغان حڪومت جو ڪنٽرول رڳو شهرن جي حد تائين هو، ڳوٺاڻا علائقا طالبان جي اثر هيٺ هئا، هاڻي صورتحال اها آهي ته طالبان حڪومت سنڀالي ورتي آهي، 20 سالن کانپوءِ اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ اهڙن ماڻهن سان معاملو ڪرڻ ۾ تمام گهڻي مشڪل پيش اچي ٿي، جن توهان سان گڏجي تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون هونديون آهن. هن چيو ته ان جي خواهش آهي ته افغانستان ۾ هڪ ٺوس حڪومت ٺهي، طالبان حڪومت به چاهي ٿي ته ا??هن کي عالمي قبوليت ملي، اهي انساني حقن سان گڏوگڏ افغان سرزمين دهشتگردي جي لاءِ استعمال نه ٿيڻ جي ڳالهه ڪن ٿا. وزيراعظم چيو ته هي افغانستان جي لاءِ تمام گهڻو نازڪ لمحو آهي، دنيا کي افغانستان سان ڳالهيون ڪ??ڻ گهرجن، جيڪڏهن ا??هن کي پري ڪنداسين ته وڏي آساني سان معاملا 20 سال پراڻي طالبان جي هٿن ۾ وڃي سگهن ٿا جيڪا تباهي هوندي ۽ ان سان نيٽو جي 20 سالا موجودگي، ٻه هزار ارب ڊالر جو خرچ، لکين ماڻهن جون حياتيون وڃائڻ ضايع ٿي ويندو. هن چيو ته بحران جي واپسي سان اتي افراتفري ٿيندي، افغانستان آءِ ايس آءِ ايس جهڙن دهشتگردن جي لاءِ هڪ زرخيز زمين بڻجي ويندي جيڪو حقيقت ۾ ??سا?? سڀني جي لاءِ پريشاني جو سبب آهي. وزيراعظم چيو ته هڪ مستحڪم افغان حڪومت آءِ ايس آءِ ايس کي بهتر طور تي م??هن ڏئي سگهي ٿي، طالبان آءِ ايس آءِ ايس مان ڇوٽڪاري جي لاءِ بهترين ۽ واحد آپشن رهجي ويا آهن، ا??هن کي اڪيلو ڪرڻ، ا??هن تي پابنديون هڻن باقي اثرن ۽ افراتفري کانسواءِ هڪ تمام وڏي انساني بحران کي جنم ڏيندو. هن چيو ته افغانستان جي اڌ آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ گذاري رهي آهي، گڏيل قومن جو خيال آهي ته ايندڙ سال تائين 95 سيڪڙو آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ هلي ويندي، حڪومت پنهنجي بجيٽ جي 75 سيڪڙو جي لاءِ ٻاهرئين امداد تي دارومدار ڪندي هئي، جيڪڏهن اهي ا??هن کي ائين ئي ڇڏي ڏين ٿا ته خدشو اهو آهي ته اتي صورتحال ٻيهر روسي انخلا جهڙي ٿي ويندي، جڏهن روسي نڪتا ۽ آمريڪي افغانستان کي ڇڏي هليا ويا هئا تڏهن جي افراتفري ۾ 2 لک افغانين جون جانيون ويون هيون ۽ انهي افراتفري ۾ طالبان اڀريا هئا، ان لاءِ هي هڪ نازڪ لمحو آهي ۽ آمريڪا کي پاڻ کي هوشيار ڪرڻو پوندو ڇو ته آمريڪي هن وقت صدمي واري ڪيفيت ۾ آهن، ا??هن جو خيال هو ته اتي جمهوريت هوندي قوم جڙندي ۽ عورتن کي آزادي ملندي پر اوچتو طالبان ٻيهر اچي ويا، سخت ڪاوڙ، حيرت ۽ صدمي جي ڪيفيت ۾ آهن جڏهن ته جيستائين آمريڪا قائدانو ڪردار نه ٿو سنڀالي ??سا?? کي هتي ڳڻتي آهي ته افغانستان ۾ افراتفري سان جيڪو ملڪ ان کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندو اهو پاڪستان آهي. وزيراعظم هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ??سا?? جي سيڪيورٽي جي سربراهن جي آمريڪي عملدارن سان ڳالهه ٻولهه ٿي، ??سا?? جي پرڏيهي وزير جو آمريڪا جي پرڏيهي وزير سان رابطو آهي، ??سا?? رابطي ۾ آهيون، ??سا?? اهي سڀ ڳالهيون آمريڪا سان ڪ??ي چڪا آهيون. وزيراعظم چيو ته آئون سينيٽ ۾ ا??هن جي ڪارروائي ٻڌي رهيو هئس، آمريڪا ۾ صدمي واري ڪيفيت آهي، ا??هن کي يقين نه اچي رهيو آهي ته افغانستان ۾ ٿيو ڇا آهي ڇو ته ا??هن کي واضح طور تي ٻڌايو ويو هو ته افغانستان ۾ جمهوريت اچي وئي آهي، عورتن کي آزاد ڪيو ويو آهي، افغان هڪ قوم بڻجي رهيا آهن جڏهن ته اهي يقين نه ڪري رهيا آهن ته طالبان ٻيهر اقتدار ۾ اچي ويا آهن. وزيراعظم چيو ته افغان فوج تي اربين ڊالر خرچ ڪيا ويا پر ٽي لک افغان فوج بنا وڙهڻ جي هٿيار اڇلائي ڇڏيا، اهو آمريڪين کي سمجهه ۾ نه اچي رهيو آهي ڇو ته ا??هن کي اصل صورتحال کان ڪڏهن آگاهه ئي نه ڪيو ويو هو. وزيراعظم چيو ته هن 2008ع ۾ آمريڪي ٿنڪ ٽينڪس ۽ سينيٽر بائيڊن، سينيٽر جان ڪيري ۽ هيري ريڊ سان ملاقات ۾ ا??هن تي واضح ڪري ڇڏيو هو ته افغان مسئلي جو ڪو فوجي حل نه ٿو نڪري سگهي، ان وقت اهي عراق جي ڳالهه ڪري رهيا هئا، مون ا??هن کي چيو ته اها ان کان وڏي ڌٻڻ ثابت ٿيندي، اهي افغانستان جي تاريخ کان واقف نه هئا، ??سا?? جو آرمي چيف جنرل ڪياني ٻن سالن کانپوءِ اتي ويو هن صدر اوباما کي چيو ته توهان تمام وڏو گند افغانستان ڇڏي ايندا ج??هن کي ??سا?? کي م??هن ڏيڻو پوندو ۽ توهان ڪو فوجي حل نه ڪڍي سگهندا، بدقسمتي سان صدر اوباما ان وقت جرنلن جي ور چڙهيل هو ۽ جرنلن سدائين وانگر وڌيڪ فوجي ۽ وقت گهريو ۽ چيو ته ??سا?? جنگ کٽي وينداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ??سا?? افغانستان ۾ طالبان جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ روسين جي انخلا جي وقت گهرو ويڙهه جي اميد ڪري رهيا هئاسين پر ??سا?? تمام مطمئن آهيون ڇو ته اهو پرامن اقتدار جي منتقلي هئي، اهو سڀني جي لاءِ سٺو ٿيو، ??سا?? کي اهو خدشو به هو ته رتوڇاڻ جو الزام به ??سا?? تي ايندو پر جيئن ته 3 لک فوجين بنا وڙهڻ جي هٿيار اڇلائي ڇڏيا، زميني حقيقت اها هئي ته ڳوٺاڻن علائقن ۾ خاص طور تي طالبان تهريڪ مقبوليت حاصل ڪندي هئي اهو ئي سبب آهي جو فوج وڙهڻ کانسواءِ هٿيار اڇلائي ڇڏيا، ٻيو اشرف عني جي حڪومت پوري طرح ڪرپٽ هئي پهريون ڳالهه اها ته ا??هن کي ڪٺ پتلي حڪومت طور ڏٺو ويو ٻيو هڪ ڪرپٽ حڪومت طور ته ا??هن جي لاءِ وڙهي ها. وزيراعظم افغانستان ۾ ٺوس حڪومت جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ چيو ته طالبان جو موقف آهي ته هي هڪ عبوري حڪومت آهي ۽ اهي باقي ماڻهن کي به ان ۾ شامل ڪرڻ چاهين ٿا. حقيقت ۾ افغانستان ۾ هڪ ٺوس حڪومت جي ضرورت آهي ڇو ته افغانستان هڪ متنوع معاشرو آهي، ان ۾ پشتون 50 سيڪڙو آهن، اتا تاجڪ به وڏي انگ ۾ آهن، مون تاجڪستان جي صدر سان گڏجي پوري ڪوشش ڪئي اهي ته اهي ڪهڙي طرح گڏ ٿين، پوءِ اتي ازبڪ به آهن، ازبڪستان ڪوشش ڪري رهيو آهي ته ا??هن کي به گڏايو وڃي، پاڙيسرين جي ان ۾ دلچسپي آهي ته اهي سڀ هڪ ٺوس حڪومت جوڙين جيڪا هڪ پائيدار حڪومت هجي. وزيراعظم چيو ته ڪابل ۾ عورتن جي لاءِ ثقافت ڳوٺاڻن علائقن جي مقابلي ۾ سدائين مختلف رهي آهي، ڳوٺاڻن علائقن م عورتن جون زندگيون تبديل ناهن ٿيون، اهي ائين ئي زندگي گذارين ٿيون اها ا??هن جي ثقافت آهي، ان کي تبديل ٿيڻ ۾ شايد وقت لڳندو، اصل مسئلو ڪابل جو آهي جيڪڏهن توهان 50 سال اڳ ڪابل ويا هجو ها ته ڏسو ها ته ڪابل جي ثقافت باقي علائقن کان مختلف هئي، طالبان چيو آهي ته اهي عورتن کي تعليم ڏيندا، ا??هن کي نوڪرين تي وڃڻ جي اجازت ڏيندا، اسلامي ثقافت موجب منهنجو خيال نه آهي ته ا??هن کي ان حد تائين مجبور ڪيو وڃي، آئون سمجهان ٿو ته ائين ڪ??ڻ سان ا??هن جي لاءِ اندروني مسئلا شروع ٿي ويندا، ا??هن کي وقت ڏيو، ا??هن سٺا بيان ڏنا، ??سا?? وٽ ٻيو ڪو آپشن موجود نه آهي، جيڪڏهن ??سا?? ا??هن تي پابنديون هڻون ٿا ته افغانستان ۾ تمام وڏو انساني بحران پيدا ٿي ويندو، اتي افراتفري پکڙجي ويندي، بهتر اهو ئي آهي ته ا??هن کي ترغيب ڏيون ته جيڪو هو چئي رهيا آهن ان تي عمل ڪن جيڪڏهن توهان ا??هن کي مجبور ڪندا ته جهڙي قسم جا اهي ماڻهو آهن اهي مزاحمت ڪندا، اهو ابتو نقصانڪار ثابت ٿيندو. ٽي ٽي پي جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ٽي ٽي پي سرحد جي پاڪستاني طرف جا پشتون آهن، طالبان پشتونن جي تحريڪ آهي، افغانستان ۾ 45 کان 50 سيڪڙو پشتون آباد آهن، برطانيا پاران ڪڍي ويندڙ ڊيورنڊ لائين جي پاڪستاني طرف ٻيڻ تي پشتون آباد آهن جڏهن ته جيڪي علائقا قبائلي سڏرائين ٿا ا??هن جي ٻئي طرف به پشتون قبيلا آهن جتي ڪا حقيقي سرحد نه هئي، ڊيورنڊ لائين کي ا??هن ڪڏهن تسليم نه ڪيو، اهي آزاداڻي طور ان علائقي ۾ ايندا ويندا هئا، هاڻي ??سا?? سرحد تي خاردار تار لڳائي ڇڏي آهي، جڏهن آمريڪا افغانستان تي حملي آور ٿيو ا??هن طالبان کي ڪڍي ٻاهر ڪيو ته ان طرف جي پشتونن کي افغانستان جي پشتونن سان مڪمل همدردي ٿي وئي، ان همدردي جو سبب مذهبي نظريا نه هئا پر پشتون عصيبت ۽ قوميت هئي جيڪا تمام مضبوط آهي جڏهن ??سا?? آمريڪا جا اتحادي بڻجي وياسين ته اهي ??سا?? جي مخالف ٿي ويا، ا??هن ??سا?? کي آمريڪا جو ساٿي چيو ۽ پاڪستان رياست تي حملي آور ٿيا ۽ پاڻ کي پاڪستاني طالبان سڏرائڻ شروع ڪري ڇڏيو جيڪي ??سا?? جي اتحاد جو حصو بڻجڻ کان اڳ ??سا?? وٽ نه هئا. هن چيو ته هڪ وقت اهڙو به هو ته 50 جي لڳ ڀڳ مختلف گروهه جيڪي پاڻ کي طالبان چوندا هئا ??سا?? تي حملي آور هئا، پاڪستان جي اندر دهشتگردي جا 16 هزار حملا ٿيا، 80 هزار پاڪستانين ان ۾ جانيون ڏنيون. وزيراعظم چيو ته پشتونن سان وڙهندڙن جا ??سا?? ساٿي نه آهيون، ان لاءِ هاڻي ??سا?? ا??هن سان ڳالهيون ڪ??ڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون جن سان صلح ٿي سگهي ٿي. ڪشمير جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪشمير پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ هڪ تڪراري علائقو آهي ۽ ان ڳالهه جي توثيق گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۾ ڪئي وئي آهي جن ۾ چيو ويو آهي ته گڏيل قومن جي نگراني هيٺ ڪشمير جي عوام کي ريفرنڊم ذريعي ا??هن کي فيصلو ڪرڻ جي اجازت ڏني ويندي ته ڇا اهي ڀارت ۽ پاڪستان مان ڪ??هن سان گڏ وڃڻ چاهين ٿا، ا??هن کي اهو حق ڪڏهن به نه ڏنو ويو پر 5 آگسٽ 2019ع تي اڃا به وڌيڪ برو ٿيو جڏهن ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪري ڇڏي جيڪا ا??هن کي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين هئي، ڀارت 90 هزار فوجي موڪلي اتي ڪرفيو هڻي ڇڏيو، حقيقت ۾ هن وقت ڪشمير هڪ کليل جيل آهي. وزيراعظم چيو ته ??سا?? جو مسئلو اهو آهي ته هاڻي ??سا?? ان کي هڪ علائقائي مسئلي طور نه ڏسي رهيا آهيون، ??سا?? پاڪستان ۾ ا??هن کي هڪ ٻيو آپشن ڏنو آهي، ا??هن کي پاڪستان يا ڀارت سان شامل ٿيڻ بدران جيڪڏهن اهي هڪ آزاد ملڪ طور تي رهڻ جو فيصلو ڪن ته ا??هن کي اهو جمهوري حق به حاصل هوندو، هاڻي بال ڀارت جي ڪوٽ ۾ آهي، اهي اڻڄاتل مدي تائين ا??هن ماڻهن کي هڪ کليل جيل ۾ نه ٿا رکي سگهن، ڀارت ٻاهران ماڻهن کي آڻي آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ان حوالي سان به هڪ آئيني شق هئي جيڪا ائين ڪ??ڻ جي راهه ۾ رڪاوٽ هئي ته ٻاهران ماڻهو آڻي ڪشمير ۾ آباد ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته جنيوا ڪنوينشن ۾ به اها ڳالهه واضح طور تي بيان ڪ??ي وئي آهي ته توهان هڪ والاريل ملڪ ۾ آبادي جو تناسب تبديل نه ٿا ڪري سگهو جيستائين اهو واضح نه ٿي وڃي ته اهو ڀارت جو حصو آهي، اصل ۾ اهي ا??هن کي مسلمان اڪثريت مان مسلمان اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته پوري دنيا ۾ نيوڪليئر فليش پوائنٽ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ئي آهي، جتي ٻه ائٽمي ملڪ جن جي وچ ۾ ائٽمي ملڪ بڻجڻ کان اڳ ٽي جنگيون ٿي چڪيون آهن پر ان وقت کان نيوڪليئر ڊيٽرنس جي ڪري ??سا?? جي وچ ۾ جنگ نه ٿي آهي. وزيراعظم چيو ته جڏهن ڪ??مير ۾ خودڪش بم ڌماڪو ٿيو ۽ ان ۾ ڀارتي فوجي ماريا ويا ج??هن جو الزام ا??هن پاڪستان تي هنيو، ??سا?? اهو چوندا رهياسين ته ??سا?? کي ثبوت فراهم ڪن ۽ ??سا?? ان جي ذميوارن کي سزا ڏينداسين بلڪه ان کي ڀارت جي حوالي ڪري ڇڏينداسين پر ??سا?? کي ثبوت فراهم ڪرڻ بدران ا??هن ??سا?? جي مٿان بمباري ڪئي، خوشقسمتي سان ان ۾ ڪو جاني نقصان نه ٿيو، پاڪستان ان جو ردعمل ڏنو ۽ هڪ ڀارتي جنگي جهاز به ڪيرايو، ان صورتحال ۾، مون کي ملڪ جي چيف ايگزيڪيوٽو طور لڳي ٿو ته حالتون ڪهڙي طرف به وڃي سگهيون پئي ??سا?? ا??هن جي پائليٽ کي فوري طور تي واپس ڪري ڇڏيو ته جيئن صورتحال کي معمول تي آندو وڃي. وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن ٻن ائٽمي طاقتن کي اهڙي صورتحال درپيش هجي جهڙي ??سا?? کي هئي ته حالتون ڪو به رخ اختيار ڪري سگهن ٿيون. وزيراعظم چيو ته يو اين جنرل اسيمبلي کي خطاب ۾ ياد ڏياريو ته گڏيل قومون اهڙي صورتحال جي خاتمي لاءِ ٺاهي وئي هئي، ڪسمير هڪ حل طلب مسئلو آهي، اهي توهان جون پنهنجي سلامتي ڪائونسل جون قراردادون آهن، گڏيل قومن جي پاس ڪيل قرارداد تي اوڀر تيمور کي حق ڏنو ويو، ا??هن کي ريفرنڊم ذريعي پنهنجي قسمت جو فيصو ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو ۽ ا??هن آزادي حاصل ڪري ورتي، ڪشميرين کي اهو حق ڇو نه ٿو ڏنو وڃي، بدقسمتي سان جيڪڏهن توهان هڪ وڏو ملڪ آهيو ۽ ٻئي ملڪ جي لاءِ توهان هڪ وڏي منڊي آهيو ته توهان کي هڪ طرح جي ڇوٽ ملي وڃي ٿي ۽ توهان بچي نڪرو ٿا جڏهن ته اوڀر تيمور کي اها ڇوٽ ملي. وزيراعظم هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته اسرائيل ۽ ڀارت جي وچ ۾ ويجها لاڳاپا آهن، نريندر مودي جي اسرائيل جي دوري جي واپسي تي ڪشمير تي چڙهائي ۽ 5 آگسٽ 2019ع جي قدمن سان ڇا ??سا?? سمجهي سگهون ٿا ته ا??هن اتان هدايتون ورتيون ڇو ته اهو ئي ڪجهه اسرائيل به ڪيو آهي، اسرائيل سيڪيورٽي جو ايترو مضبوط گهيراءُ ڪيو آهي ۽ هر ??يء?? کي تهس نهس ڪري ڇڏين ٿا، اهي ٻئي ملڪ ۾ پنهنجا ماڻهو موڪلين ٿا ۽ قتلام ڪن ٿا، ا??هن کي مڪمل طور تي ڇوٽ حاصل آهي ڇو ته يو اين جنرل اسيمبلي ڪجهه به چوي ا??هن کي سلامتي ڪائونسل ۾ آمريڪا جي ويٽو جي طاقت تي مڪمل اعتماد آهي ان لاءِ اهي هر صورتحال مان بچي نڪري وڃن ٿا. وزيراعظم چيو ته آئون سمجهان ٿو جيئن ته هن وقت ڀارت کي چين جي خلاف مزاحمتي قوت سمجهيو وڃي ٿو، آئون سمجهان ٿو ته اهو به ائين ئي آهي ته ڀارت به ڪ??هن به صورتحال مان بچي نڪري ويندو. وزيراعظم چيو ته منهنجو نقطو اهو آهي ته جڏهن اهي ??سا?? کي ٻين جاين تي انساني حقن جي ڏس ۾ ڳالهه ڪرڻ جو چون ٿا انساني حقن جي بدترين خلاف ورزي ته ڪشمير ۾ ٿي رهي آهي، ڪشمير کان خراب صورتحال ڪٿي به نه آهي. وچ اوڀر جي ڪ??هن ملڪ پاران اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جي حوالي سان دباءُ جي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪ??هن ??سا?? تي دٻاءُ ناهي وڌو، پاڪستان هڪ جمهوري ملڪ آهي، ??سا?? پنهنجي ماڻهن کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ ڪو فيصلو نه ٿا ڪري سگهون. ميڊيا ۾ مسلمانن جي خلاف گمراهه ڪندڙ ۽ سنسني جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته آئون ان جي لاءِ مسلمان ملڪن جي قيادت کي به ذميوار قرار ڏيان ٿو پهرين ڳالهه اها آهي ته مسلمان ملڪن جي قيادت ان ڳالهه جي اجازت ڇو ڏني ته دهشتگردي جو تعلق اسلام سان ڳنڍيو وڃي، اسلام جو دهشتگردي سان ڪهڙو تعلق آهي؟ ان وقت جڏهن ڪورونا وائرس جي ڀارتي قسم سامهون آئي، ج??هن دنيا ۾ تباهي پکيڙي ته ڀارتي عوام چيو ته ان وائرس کي ڀارتي قسم چوڻ بدران ڊيلٽا قسم چيو وڃي، صحيح ڳالهه آهي ته هڪ وائرس کي ڪ??هن قوم سان ڇو ڳنڍيو وڃي. وزيراعظم چيو ته ائين ئي دهشتگردي کي ڇو ڪ??هن مذهب سان ڳنڍيو وڃي، ڪو به مذهب دهشتگردي کي فروغ نه ڏيندو، نائن اليون کانپوءِ دهشتگردي کي اسلام سان ڳنڍڻ ۽ پوءِ انتهاپسند اسلام جي ڳالهه ڪرڻ ائين آهي جيئن اسلام جو ڪو انتهاپسند قسم آهي جيڪو دهشتگردي کي فروغ ڏي ٿو. هن چيو ته اسلام رڳو هڪ ئي آهي جيڪو ??سا?? جي نبي ﷺ جو اسلام آهي، مسلمانن وٽ به ائين ئي آهي جيئن ڪ??هن به انساني برادري ۾ وچٿرا، انتهاپسند ۽ آزاد خيال ماڻهو موجود هوندا آهن، برطانيا ۾ سڪن هيڊز ايشيائي ماڻهن تي تشدد ڪندا هئا، ڇا ا??هن سڪن هيڊز کي برطانوي معاشري جي عڪاس طور ڏسن. وزيراعظم چيو ته توهان ڪ??هن مذهب يا انساني برادري کي ان جي انتهائن جي بنياد تي نه ٿا پرکي سگهو، اهي ماڻهو به اهڙا آهن جهڙا ??سا?? وٽ جنوني ماڻهو هوندا آهن جيئن نيوزيلينڊ ۾ بندوق بردار شخص مسجد ۾ داخل ٿي 50 نمازين جي حياتي کسي ٿو ته جڏهن توهان انتهاپسند اسلام جي ڳالهه ڪريو ٿا ته اولهه ۾ هڪ عام شخص، هڪ انصاف پسند ۽ انتهاپسند مسلمان ۾ ڪيئن فرق ڪندا، ته سڀ مسلمان هدف بڻجي وڃن ٿا ۽ اهو ئي اسلامو فوبيا آهي، نائن اليون کانپوءِ جڏهن به دهشتگردي جو ڪو واقعو ٿيندو هو ته ماڻهو ان اميد سان دعا ڪندا هئا ته ان جي پٺيان ڪ??هن مسلمان جو هٿ نه هجي ڇو ته هر ڪ??هن تي شڪ ڪيو ويندو هو، آئون اهو ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهان ته نائن اليون کانپوءِ مون هڪ غيرملڪي صحافي فون تي چيو ته توهان کي مسلمان هجڻ تي شرم نه ٿي اچي ڇو ته 19 جنوني ماڻهن جي فعل جو ذميوار هڪ ارب 30 ڪروڙ ماڻهن کي قرار ڏنو پئي ويو. وزيراعظم چيو ته مون کي ان فون تي ڌچڪو لڳو. وزيراعظم چيو ته اولهه ۾ ماڻهو انتهاپسند اسلام ۽ انصاف پسند اسلام ۾ فرق نه ٿا ڪن ته هڪ عام ماڻهو ڪيئن ڪ??ي سگهو ٿو ان لاءِ سڀ مسلمان خاص طور تي جيڪي بظاهر پنهنجي حليي مان مسلمان نظر اچن ٿا جيڪي پنهنجو مٿو ڍڪين ٿا يا ڏاڙهي رکن ٿا اهي هدف بڻجي ويا، ا??هن جي توهين ڪ??ي وئي، آئون ا??هن ماڻهن جي ڳالهه نه ڪري رهيو آهيان جن تي تشدد ڪيو ويو يا جن کي قتل ڪيو ويو، آئون عام ماڻهن جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان جن کي اولهه ملڪن ۾ گهٽين ۾ گاريون ڏنيون ويون رڳو ان لاءِ ته اهي حليي سان مسلمان ڏسڻ ۾ ايندا هئا، آئون سمجهان ٿو اها انتهائي ناانصافي هئي، مسلمان ملڪن جي قيادت کي ان بابت ڳالهه ڪرڻ گهرجي ها ۽ ا??هن کي اسلام کي دهشتگردي کان جدا ڪرڻ گهرجي ها. وزيراعظم چيو ته بي ڳالهه ج??هن جي شروعات سلمان رشدي سان ٿي، اولهه جي ماڻهن ۾ مذهب جو تصور اهو نه آهي جيڪو ??سا?? وٽ آهي، اهي اهو نه ٿا سمجهي سگهن جيڪا محبت، عزت ۽ احترام نبي ﷺ جي لاءِ ??سا?? دلين ۾ آهي. ماڻهن جي دلين ۾ ڪ??هن به ٻي ??يء?? جي مقابلي ۾ ان جي لاءِ تمام گهڻي محبت ۽ احترام آهي، مون کي خبر آهي ته اولهه ملڪن ۾ مذهب جي ڪهڙي صورتحال آهي، آئون جڏهن برطانيا ويس ته اتي حضرت عيسيٰ عليه السلام بابت برائن جي زندگي نالي مونٽي پائٿن فلائنگ سرڪس هلي رهيو هو آئون حيران رهجي ويس ڇو ته مون ائين ڪڏهن به نه ڏٺو هو. اظهار راءِ جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته اولهه ۾ ماڻهو جهڙي طرح زندگي گذارين ٿا ان جي خبر آهي، جيڪڏهن توهان نبي ﷺ جو تمسخر اڏايو يا توهين ڪ??يو جهڙوڪ سلمان رشدي ڪيو هو، ته اها مسلمانن جي لاءِ انتهائي تڪليف ڏيندڙ ۽ توهين آميز ڳالهه آهي، سلمان رشدي نبي ﷺ جي شان ۾ گستاخي ڪئي، ان سان مسلمانن کي تڪليف پهتي. وزيراعظم چيو ته جهڙي طرح هولوڪاسٽ سان يهودي برادري کي ڏک پهچي ٿو ڇو ته ان سان ا??هن کي تڪليف ٿئي ٿي، آئون ا??هن کي اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان ته ڪ??هن کي به انساني برادري کي ڏک پهچائڻ جي اجازت نه هجڻ گهرجي جيڪڏهن ??سا?? کي هڪ گلوبل ويليج ۾ رهڻو آهي ته هر انساني برادري کي اهو ٻڌائڻ گهرجي ته ڪهڙي ??يء?? سان ان کي تڪليف پهچي ٿي، آئون تاريخي حوالي سان سدائين نبي ﷺ بابت اولهه جي اديبن جا ڪتاب پڙهندو آهيان اها ا??هن جي تشريح هوندي آهي جنهنس ان ??سا?? اتفاق نه ٿا ڪريون پر ان تي ڪير اعتراض نه ٿو ڪري. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آئون سمجهان ٿو ته صدر ميڪرون کي ان ڳالهه جو اندازو نه آهي ته اتان جي مسلمان برادري سان ڪيئن هلڻو آهي، جيستائين اهي نه ٿا سمجهن ته اهو بدنما سلسلو جاري رهندو، پوءِ ڪير ??سا?? جي پيغمبر ﷺ جي توهين ڪندو، ان جو انتهائي ردعمل هوندو ۽ ان جي نتيجي ۾ پرتشدد حملو ٿي سگهي ٿو ۽ ان جي ڪري فرانسيسي معاشري ۾ سخت ردعمل اچي سگهي ٿو ۽ پوءِ اهي مسلمانن کي محدود ڪري ڇڏيندا ۽ پوءِ ا??هن پاران ردعمل ايندو ته اهڙي طرح اهي هڪ چڪر ۾ ڦاسي رهجي ويندا، ان صورتحال مان نڪرڻ جي لاءِ ا??هن کي هڪ اتفاق راءِ قائم ڪرڻو پوندو يا ته توهان کي سڀني مسلمانن کي ملڪ مان ڪڍڻو پوندو جيئن 1492ع ۾ اسپين ڪيو هو يا پوءِ گڏجي رهڻ جو ڪو ضابطو هجڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته ??سا?? وٽ پاڪستان ۾ توهين رسالت جو قانون آهي، اهو قانون برطانيا ٺاهيو هو. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته هو ايندڙ مهيني برطانيا ۾ ٿيندڙ ماحوليات جي حوالي سان ڪ??نفرنس ۾ شرڪت تي غور ڪري رهيو آهي، ??سا?? مان ڪ??هه ماڻهو قدرتي ماحول ۾ رهن ٿا، پاڪستان دنيا ۾ ٽريڪنگ جي لاءِ انتهائي خوبصورت ملڪ آهي، منهنجي سڄي زندگي قدرتي ماحول ۾ گذري آهي، مون جهڙن ماڻهن ماحولياتي تبديلي کي ايندي ڏٺو آهي، توهان ڏسي سگهو ٿا ته آهستي آهستي گرمي پد ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ ڳوٺن ۾ رهندڙ ماڻهن جيڪي قدرت جي ويجهو رهندا هئا ا??هن به ان تبديلي کي محسوس ڪيو، آئون سمجهان ٿو ته يقيني طور تي دنيا کي گذريل بن سالن ۾ عجيب ۽ غريب موسمي تبديلين بابت ادراڪ ٿيو ۽ جرمني جهڙا ملڪ به متاثر ٿيا، ڪيليفورنيا، سائبريا ۽ بحيره روم جي ملڪن ۾ باهه لڳي، آئون سمجهان ٿو ته ماڻهن هاڻي محسوس ڪيو آهي ۽ انساني بقاءَ جي جبلت متحرڪ ٿي آهي ته جيڪڏهن انهي رفتار سان اهو سلسلو جاري رهيو ته صورتحال بدتر ٿي ويندي، ان لاءِ هي هنگامي صورتحال آهي مون کي رڳو ان ڳالهه جي پريشاني آهي ته ڪاربن جي خارج ٿيڻ جا وڏا ذميوار ترقي يافته ۽ صنعتي ملڪ آهن حقيقت ۾ ان اخراج ۾ ا??هن جو وڏو حصو آهي پر آئون سمجهان ٿو ته اهي صحيح طور تي آواز اٿارير هيا آهن پر اهي مشڪل فيصلا ڪرڻ جي لاءِ راضي نه آهن ڇو ته قابل تجديد ذريعن طرف تبديلي هڪ مشڪل ڳالهه آهي، اڳ ۾ ئي يورپ ۾ گئس جي قيمتن ۾ اضافي جي ڳالهه هلي رهي آهي. هن چيو ته ان جي لاءِ ترقي، واڌويجهه جي شرح، نوڪريون ماحول کان وڌيڪ اهم هيون، جيستائين ماحول کي ا??هن سڀني کان اهم حيثيت نه ٿي ملي ته ان جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي. مون کي ڊپ آهي ته ??سا?? تمام گهڻيون ڪ??نفرنسون ڪنداسين، چونڊن جي لاءِ ماڻهو صحيح طور تي آواز اٿارين ٿا. هن چيو ته ڪوپ 26 کي پئسو خرچ ڪرڻو پوندو، ??سا?? جهڙا ملڪ پنهنجي حيثيت کان وڌيڪ ڪري رهيا آهن، ??سا?? 10 ارب وڻ لڳائي رهيا آهيون، ??سا?? هڪ ارب وڻ لڳائڻ کان شروعات ڪئي هئي، هيستائين ??سا?? اڍائي ارب وڻ لڳائي چڪا آهيون ۽ پوءِ ??سا?? ڪوئلي سان هلندڙ پاور پلانٽس ۾ گهٽتائي ڪري رهيا آهيون، هڪ اڃا هلي رهيو آهي ۽ جيڪڏهنا سان کي مالي مدد ملي وڃي ٿي ته ??سا?? ان کي به قابل تجديد توانائي ۾ تبديل ڪري ڇڏينداسين ۽ پوءِ ??سا?? مختلف طريقن سان پنهنجي پاڻي جي وسيلن کي مهفوظ بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ۽ دريائن کي صاف ڪري پنهنجي فضا کي بهتر بڻائي رهيا آهيون پر اسان ڪ??هه به ڪري وٺون جيستائين امير صنعتي ملڪ قدم نه ٿا کڻن، مون کي ڊپ آهي ڇو ته زهريليُون گئسُون خارج ٿيڻ ۾ ??سا?? جو حصو انتهائي گهٽ آهي جيڪو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي.
داعش مان ڇوٽڪاري جي لاءِ طالبان بهترين ۽ واحد آپش آهن، انهن کي اڪيلو ڪرڻ ۽ پابنديون هڻڻ سان افراتفري ۽ انساني بحران جنم وٺي سگهي ٿو: وزيراعظم عمران خان جو مڊل ايسٽ آئي کي انٽرويو
مضمون کا ماخذ : dupla sena acumulada