اسلام آباد – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين سالياني اجلاس جي موقعي تي ڪيترن ئي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ۽ عالمي تنظيمن جي سربراهن سان خاص طور تي ڪشمير ۽ افغانستان سميت عالمي ۽ علائقائي مسئلن تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه اطمينان جوڳي رهي آهي. هن اها ڳالهه ج??رل اسيمبلي جي 76 هين سالياني اجلاس ۾ پ??ڪس??اني وفد جي سربراهه ج?? حيثيت سان 5 ڏينهن جي دوري جي پڄاڻي تي پ??ڪس??اني ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي چئي. پرڏيهي وزير چيو ته هو سمجهي ٿو ته هاڻي عالمي برادري پ??ڪس??ان جي موقف کي بهتر انداز ۾ سمجهي رهي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته وزي??اع??م جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي هڪ عالمي مدبر جي حيثيت سان وسيع تر معاملن تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو، وزي??اع??م جو خطاب مثبت ۽ تعميري هو، خاص طور تي وزي??اع??م افغانستان ۾ اشرف غني حڪومت جي خاتمي ۽ طالبان جي اقتدار ۾ واپسي جي پس منظر جا سبب ڳولڻ لاءِ چيو، وزي??اع??م عالمي برادري آڏو ڄمون ۽ ڪشمير بابت ڀارتي پروپئگنڊه ج?? پول کولي ڇڏيو ۽ تڪراري خطي جي حقيقي صورتحال واضح ڪري ڇڏي. وزي??اع??م پ??ڪس??ان پاران ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪراري خطي ۾ ڀارتي سيڪيورٽي فورسز جي هٿان انساني حقن جي منظم ۽ وسيع تر خلاف ورزين جي حوالي سان موثر ۽ ثبوتن تي ٻڌل جاري ڪيل ڊوزيئر جو پڻ حوالو ڏنو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته او آءِ سي رابطا گروپ سان اجلاس جي نتيجن مان هو مطمئن آهي، ان اجلاس ۾ ترڪيءَ، سعودي عرب ۽ آذربائيجان جي پرڏيهي وزيرن شرڪت ڪئي ۽ ڪشمير مسئلي تي پنهنجي موقف کي ورجايو. پرڏيهي وزير پنهنجي دوري دوران آمريڪي پرڏيهي وزير انٿوني بلنڪن سان ملاقات سميت درجنين پرڏيهي وزيرن سان ملاقاتون ڪيون، آمريڪي پرڏيهي وزير سان پرڏيهي وزير هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ ملاقات ڪئي ۽ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هڪ سوال تي پرڏيهي وزير چيو ته آمريڪي پرڏيهي وزير سان ملاقات سٺي ماحول ۾ ٿي آهي ڇو ته ان ملاقات جو مقصد غلط فهمين کي ختم ڪرڻ هو. آمريڪي پرڏيهي وزير اسان جو موقف تفصيل سان ٻڌو ۽ ان کانپوءِ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو. هن چيو ته آمريڪي پرڏيهي وزير آمريڪا ۽ ٻين ملڪن جي شهرين جي افغانستان مان انخلا ۾ تعاون ڪرڻ ۽ خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پ??ڪس??ان جي ڪوششن کي ساراهيو. هڪ ٻئي سوال تي پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان ۾ حڪ ٺوس حڪومت قائم ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ ان ڏس ۾ هن تجويز ڏني ته طالبان کي انگيج ڪرڻ ۽ انهن کي ترغيب ڏيڻ سان اهو مقصد حاصل ٿي سگهي ٿو. پرڏيهي وزير چيو ته يونٽي فار ڪنسنسز جي وزارتي اجلاس ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته سلامتي ڪائونسل جي ري اسٽرڪچرنگ اتفاق راءِ سان ٿيڻ گهرجي، اجلاس ۾ سلامتي ڪائونسل جي مسقل ميمبرن جي انگ ۾ اضافي جي مڪمل مخالفت ڪئي وئي ۽ ان جي بدران غيرمستقل ميمبرن جي انگ ۾ اضافي جو مطالبو ڪيو ويو. سلامتي ڪائونسل جي نئين سر جوڙجڪ جي ڏس ۾ بين الحڪومتي ڳالهيون (آءِ جي اين) ايندڙ مهيني شروع ٿينديون. گڏيل قومن ۾ پ??ڪس??ان جو مستقل نمائندو منير اڪرم ۽ آمريڪا ۾ پ??ڪس??ان جو سفير اسد مجيد پڻ ان موقعي تي موجود هئا.
پرڏيهي وزيرن ۽ عالمي تنظيمن جي سربراهن سان خاص طور تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه اطمينان جوڳي رهي آهي: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : کڑک