اسلام آباد – 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ن ليگ پنهنجي ذاتي سياست ۽ ڪاروبار جي لاءِ ملڪ دشمني تي لهي آئي آهي، ن ليگ پنهنجي ڪرپشن سان فوج ۽ چين کي ان لاءِ جوڙڻ چاهي ٿي ته شايد هو اهڙي طرح بچي ويندي، احسن اقبال پهرين اهو فيصلو ڪري ته ن ليگ هلائي ڪير رهيو آهي؟ پهرين هو ن ليگ ۾ اعتماد جو ووٽ وٺي، پوءِ ٻين کي اعتماد جي ووٽ جو چئي، وزيراعظم عمران خان کي پاڪس??ان جي اسيمبلي ئي نه پر ملڪ جي 22 ڪروڙ عوام ووٽ ڏنو آهي.
اهڙن خيالن جو اظهار هن ??اڪٽر نعمان نيازي جي ڪتاب جي مهورتي تقريب کي خطاب کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. چوڌري فواد حسين چيو ته اها ڳالهه سمجهه کان مٿانهين آهي ته ن ليگ پنهنجي ڪرپشن سان چين کي ڇو جوڙڻ چاهي ٿي؟ پاور پلانٽ جي منصوبن ۾ ڪرپشن جي ڳالهه هجي ته هي ان کي چين سان جوڙيندا آهن، شريف فيملي جي ڪرپشن جو سي پيڪ جي منصوبن سان ڪو به تعلق نه آهي، هن ??يو ته ڪرپشن جي تحقيقات ٿيندي، رستن جي تعمير جو تعلق ان جي ڪرپشن سان آهي پر سي پيڪ منصوبن جو ان سان ڪو به تعلق نه آهي، ا??ي پنهنجي ڪرپشن سان فوج ۽ چين کي ان لاءِ جوڙڻ چاهين ٿا ته شايد هي اهڙي طرح بچي ويندا. وفاقي وزير چيو ته اميد آهي ته احسن اقبال ۽ ن ليگ اهڙي طرح جي رويي کان پاسو ڪندا. اهي ڪرپشن ڪري باقي ادارن ۽ ملڪن جي پويان لڪڻ چاهين ٿا.
ان ک??ن اڳ ڪتاب جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته پاڪس??ان ۾ ڪرڪيٽ واحد راند آهي جيڪا پوري پاڪس??ان کي ڳنڍي ٿي، ڪراچي کان وٺي پشاور تائين ۽ گلگت جي پهاڙن ک??ن وٺي گوادر جي سمنڊ تائين جيڪڏهن ??ا هڪ شيءَ پاڪس??ان کي گڏ ڪندي آهي ته اها ڪرڪيٽ آهي، هن ??يو ته اسان جي دل پنهنجي ٽيم ۽ رانديگرن سان گڏ ڌڙڪندي آهي، برطانيه ۽ نيوزي لينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن پاڪس??ان جو دورو منسوخ ڪيو ته ان سان اسان کي نقصان کي منهن ??يڻو پيو، پي ٽي وي جيڪا ڊگهي عرصي کان پوءِ 1.3 ارب روپين جي منافعي ۾ آئي آهي، جيڪڏهن اهي ميچون رد نه ٿين ها ته اسان وڌيڪ منافعو حاصل ڪري سگهيا پئي،
هن ??يو ته نيوزي لينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم جڏهن دورو ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته ان وقت هو وزيراعظم سان گڏ دوشنبي ۾ هو، وزيراعظم جي تقرير ٿيڻ واري هُئي ته مون کي اهو پيغام مليو ته نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم دورو ختم ڪري رهي آهي، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ قومي سلامتي وارو صلاحڪار معيد يوسف مون سان گڏ هئا، اسان ٽنهي جو گڏيل فيصلو هو ته جيستائين وزيراعظم تقرير نٿو ڪري وٺي کيس اها خبر ناهي ڏيڻي، ٻي صورت ۾ اها تقرير متاثر ٿيندي، ا?? مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪرڪيٽ جو اسان جي معاملن تي ڪيترو وڏو اثر هوندو آهي،
وفاقي وزير چيو ته ڊاڪٽر نعمان نيازي اسپورٽس جو هڪ ڪامياب جرنلسٽ آهي، ا??و هر شخص جيڪو پاڪس??ان سان محبت ڪري ٿو اهو ”گيم آن آهي“ کي ڄاڻي ٿو. هن هڪ وڏو برانڊ بڻايو آهي، ڊاڪٽر نعمان نياز جي ڪتاب ۽ ان جي لائبريري تي پاڪس??ان جي عوام طرفان سندس ٿورو ادا ڪريان ٿو.