فيصل آباد – 18 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چي?? آهي ته پاڪستان جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران نيوزيلينڊ جي ٽيم کي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪئي وئي هئي پر ٽيم جي اوچتو واپسي جي فيصلي سان پاڪستاني قوم کي سخت مايوسي ٿي، بار بار اصرار جي باوجود نيوزيلينڊ جي ٽيم پاران ڪو ثبوت فراهم يا سيڪيورٽي ٿريٽ انفارميشن شيئر نه ڪئي وئي، مريم نواز نيوزيلينڊ جي دوري ملتوي ٿيڻ تي طنزيه ٽوئيٽ ڪري ننڍي سوچ جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر اهو باور ڪرايو آهي ته شريف خاندان کي پاڪستان جي پاسپورٽ جي حرمت جو ڪو پاس نه آهي. مدينه مسجد سمن آباد فيصل ۾ اخوت پاران غريب خاندانن ۾ بنا وياج قرض ورهائڻ جي تقريب جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي هن چي?? ته نيوزيلينڊ جي ٽيم جو اوچتو دورو ملتوي ڪرڻ افسوسناڪ آهي، جڏهن ته اسان ميچز جي حوالي سان فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪئي جڏهن ته ان کان اڳ ڪشمير پريميئر ليگ جي موقعي تي به ڀرپور سيڪيورٽي فراهم ڪئي وئي هئي. هن چي?? ته ان کان اڳ جڏهن نيوزيلينڊ جي اندر ئي ڪرائسٽ چرچ جي اندر مسجد تي دهشتگردي جو واقعو ٿيو اتي درجنين م??ڻه?? شهيد ڪيا ويا ان وقت بنگلادي??م جي ٽيم اتي موجود رهي جڏهن ته ان کان اڳ جيڪي برطانيا ۾ بم اٽيڪ ٿيا هئا ان وقت به اتي آسٽريليا انگلينڊ جي سيريز هلي رهي هئي ان وقت به اهي ٽيمون اتي رهيون ان کانسواءِ به دنيا ۾ مختلف جاين تي اڻوڻندڙ واقعا به ٿيا پر ميچز نه روڪيون ويون جڏهن ته هتي ته اهڙو ڪو واقعو ڪو اهرو معاملو به نه هو ۽ پاڪستان جون سموريون انٽيليجنس ايجنسيون، سيڪيورٽي ادارا ان موقعي تي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪري رهيا هئا پر نيوزيلينڊ پاڪستان سان ڪنهن به قسم جي ڪا انفارميش شيئر نه ڪئي ۽ هڪطرفي طور تي دورو ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. هن چي?? ته اڄ مسلم ليگ (ن) ۽ ڪجهه ٻين شخصيتن پاران افسوسناڪ ٽوئيٽس ڪيا ويا ۽ بيانن ۾ پاڪستان جي سبز پاسپورٽ جي عزت نه ٿيڻ جي ڳالهه ڪئي وئي پر انهن کي اها به خبر هجڻ گهرجي ته سبز پاسپورٽ جي عزت تڏهن ٿيندي آهي جڏهن توهان ڦرلٽ نه ڪري رهيا هجو ۽ مني لانڊرنگ جو پئسو ملڪ کان ٻاهر نه کڻي وڃي رهيا هجو ۽ م??ڻه?? ۽ قوم جو پئسو ڦري ٻاهرئين ملڪ فليٽ نه ٺاهي رهيا هجو ۽ جڏهن توهان جو جيئڻ مرڻ پاڪستان جي اندر هجي. هن چي?? ته اها ڳالهه واضح ٿي چڪي آهي ته اهي م??ڻه?? ڪو موقعو نه ٿا وڃڻ ڏين جنهن سان ڀارت کي خوشي نه ٿي سگهي ۽ جنهن موقعي تي ڀارت دنيا ۾ پاڪستان جو طنز نه اڏائي سگهي. هن چي?? ته مخالف ڌر جي جن م??ڻه?? خاص طور تي مسلم ليگ (ن) پاران جيڪي بيان ۽ انهن جي ليڊرن پاران جيڪي ٽوئيٽس آيا آئون سمجهان ٿو ته انهن ننڍي سوچ جو ثبوت آهي. ان سان انهن پاڪستان جي ڪا خدمت نه ڪئي ۽ هي اهي ئي م??ڻه?? آهن جن ڀارت کي خوش ڪرڻ جي لاءِ جڏهن ممبئي حملا ٿيا ته سڀ کان اڳ نواز شريف چي?? ته اجمل قصاب پاڪستان جو رهڻ وارو آهي جڏهن ته حملو پٺاڻ ڪوٽ ۾ ٿئي ٿو ۽ هي ايف آءِ آر گوجرانوالا ۾ داخل ڪرائي ڇڏين ٿا تنهن ڪري هي ان سوچ مان ٻاهر نڪرن ۽ قومي سوچ اختيار ڪن. هن چي?? ته هي اهي ئي م??ڻه?? آهن جڏهن ڊرون حملا ٿيندا هئا ته انهن جي وات مان هڪ لفظ به نه نڪرندو هو اهڙي طرح ڪلڀوشن ياديو پڪڙيو ويو ته انهن جي وات مان پوءِ به هڪ لفظ نه نڪتو پر اهو عمران خان ئي هو جنهن ڊرون حملن جي خلاف لانگ مارچ ڪيو ۽ ڊرون حملن کي قومي سلامتي جي خلاف چي?? ۽ انهي وزيراعظم عمران خان پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ايبسوليوٽلي ناٽ چي?? ته اسان پنهنجي سرزمين ڪنهن کي استعمال ڪرڻ نه ڏينداسين.
پاڪستان جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران نيوزيلينڊ جي ٽيم کي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪئي وئي هئي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : estatisticas para ganhar na loteria