اسلام آباد – 13 سيٽپمبر(اي پي پي) افغانستان ۾ نئين حڪومت جي قيا?? کانپوءِ پي آئي اي جي پهرين معمولي جي اڏام اسلام آباد کان ڪابل ۽ واپس اسلام آباد پهچي وئي. قومي ايئر لائن جي ترجمان عبدالله خان طرفان جاري پڌرائي مطابق پي آئي اي جو بوئنگ 777 جهاز پي ڪي 6249 مقامي وقت مطابق 9:45 تي اسلام آباد کان ڪابل پهتو ۽ سومر جي ٻنپهرن 12 لڳي 2 منٽ تي واپس اسلام آباد پهچي ويو. پي آئي اي جو چيف آپريٽنگ آفيسر ايئر ڪموڊور جواد ظفر سي اي او پي آئي اي جي نم??ئن??ي جي حيثيت سان پاڻ جهاز ۾ سوار هو. ڪابل ايئرپورٽ تي خدمتن جي بحالي ??اء?? افغان سول ايوي ايشن ۽ مقامي پي آئي اي جي عملي خاص انتظام ڪيا آهن.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان