اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي يونيورسٽين تي زور ڏنو آهي ته ش??گر??ن کي سستي ۽ آسان تعليم جي فراهمي جي لاءِ هائبرڊ تعليم جي حصي ۾ اضافو ڪن، سائبر وار فيئر سان پيدا ٿيندڙ مستقبل جي سيڪيورٽي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ش??گر??ن کي جديد آءِ ٽي صلاحيتن سان ليس ڪيو وڃي. هو ايوان صدر ۾ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ اينڊ اپلائيڊ سائنسز جي باري ۾ بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ اينڊ اپلائيڊ سائنسز جي بورڊ آف گورنرز جي چيئرمين محمد نعيم، ريڪٽر ڊاڪٽر ناصر مجيد مرزا، ڊينز ۽ سينئر عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي بريفنگ ۾ ريڪٽر ڊاڪٽر ناصر مجيد مرزا ملڪ ۾ پيشيوراڻي تعليم جي فروغ ۾ اداري جي ڪردار ۽ ڪاميابين جي باري ۾ آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته انسٽيٽيوٽ مختلف شعبن ۾ تعليمي ۽ تربيتي پروگرام منعقد ڪري رهيو آهي، فزڪس ۽ اليڪٽريڪل انجنيئرنگ جهڙن شعبن ۾ 5000 کان وڌيڪ ش??گر?? تعليم حاصل ڪري چڪا آهن. صدر انسٽيٽيوٽ جي ڪاميابين خاص ??ور تي ملڪ جي سائن??ي ترقي ۾ ان جي ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته يونيورسٽيون تحقيق جو ميدان وسيع ڪرڻ ۽ جديد دور جي چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ ش??گر??ن جي فڪري ترقي تي ڌيان ڏين. صدر يونيورسٽي انتظاميه تي زور ڏنو ته هو ش??گر??ن جو تعداد وڌائي ته جئين هو ملڪ کي مضبوط بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿين، هن چيو ته سٺي شهرت جي عالمي يونيورسٽين جي مهارت، تحقيق مان فائدو کڻڻ لاءِ تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي.
يونيورسٽيون هائبرڊ تعليم جي حصي ۾ اضافو ڪن: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : aplicativos de apostas loteria