اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آ??ي ته نئون پاڪستان حقيقت ۾ نئين سوچ جو نالو آ??ي، تعميراتي شعبي ۾ واڌ سان ملڪي معيشت کي ڪورونا جهڙي وبا ۾ به بچيل رهي، ان شعبي جي ڪري معيشت ۾ بهتري روزگار ۾ اضافو ۽ دولت جي وڌا ٿي، جنهن سان ملڪ تي چڙهيل قرض واپس ڪرڻ ۾ مدد ملندي، اهڙن خيالن جو اظهار هن پورهيت طبقي ۾ گهر ۽ فليٽ وره??ئڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته هو ذُلفي بخاري ۽ ورڪر ويلفيئر فنڊ جي ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو ته 25 سال پراڻي منصوب?? کي حقيقت ۾ تبديل ڪيو اها وڏي ڪاميابي آهي. 25 سالن کان ڪنهن ان کي پنهنجي ترجيحي بڻ??ئڻ جو نه سوچيو اهي ماڻهو اها سوچ به سوچي به نٿا سگهن ته انهن جا پنهنجا گهر هوندا ڇاڪاڻ جو اهو ڪڏهن به ڪنهن حڪومت جي ترجيح نه هئي، وزيراعظم چيو ته نئون پاڪستان حقيقت ۾ نئين سوچ جو نالو آ??ي، نئين پاڪستان جو مقصد ئي ڪمزور طبق?? کي مٿي ??ڻڻ آهي. اها اسان سڀني جي ذميداري آهي، هن چيو ته حڪومت جي سوچ اها ثابت ڪري ٿي ??ه اهو ڪنهن تي احسان نه آهي، اهو پورهيتن جو حق آهي اهي گهر پهرين مسواڙ تي ملندا هئا هاڻي اها ئي مسواڙ قسطن ۾ ويندي ۽ اهي گهر انهن جي ملڪيت هوندا. وزيراعظم چيو ته پنهنجو گهر سڀ کان وڏي نعمت سمجهي ويندي آهي، ڳوٺاڻن علائقن ۾ ايراضي گهٽ قيمت تي دستاب هجڻ جي ڪري اتي گهر ٺاهڻ آسان هوندو آ??ي، جيتوڻيڪ شهرن ۾ مزدور طبقو پگهاردار، سرڪار ملازم ۽ پوليس ملازمن جي لاءِ پنهنجو گهر بڻ??ئڻ زمين مهانگي هجڻ جي ڪري ناممڪن هوندو آ??ي، هن چيوته اسان بئنڪن کان مارڪ اپ جو نئون قانون کڻي آيا آهيون جنهن سان بئنڪ پهرين ڀيرو ان طبق?? کي گهر ڏئي سگهندي، ان قانون کي ٺاهڻ ۽ عدالت مان اجازت وٺڻ ۾ ٻه سال لڳا، دير جو سبب اهو ئي هو.
نئون پاڪستان حقيقت ۾ نئين سوچ جو نالو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل