اٽڪ – 19 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چي?? آهي ته اڳوڻا وزيراعظم ۽ وزير ٻاهرين ملڪ جائيدادون ٺاهيندا رهيا، قوم کي قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڌڪي پاڻ ٻاهر وڃي ويهي رهيا ۽ شاهاڻي زندگي گهاري رهيا آهن، جنهن جي والد جي سائيڪل جو دڪان هو اڄ رولز رائس گاڏين جا مالڪ آهن، سينيٽ اليڪشن ۾ تماشو ٿي رهي?? آهي، ووٽ خريد ڪرڻ لاءِ منڊي لڳل ??هي?? قيمتون لڳي رهيون آهن، مخالف ڌر جلسن سان اسان کي نٿي ڪيرائي سگهي، هاڻي ماڻهن کي خريد ڪري پنهنجا وڌيڪ سينيٽرز چونڊرائڻ چاهين ٿا اها ڪهڙي جمهوريت ??هي?? ماضي ۾ ملڪ ۾ ٻيلن کي بي دردي سان ختم ڪيو ويو، موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ بلين ٽري سونامي منصوبي کي ڪامياب بڻائڻو پوندو، خيبرپختونخوا وانگر پنجاب ۾ به هلندڙ سال جي آخر تائين سمورن شهرين کي هليٿ ??نش??رنس جي سهولت ملي ويندي، نوجوانن کي روزگار جي فراهمي لاءِ ڪامره ۾ ٽيڪنالاجي زون ٺاهينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار غازي بروٿا ۾ وڻڪاري مهم جي سلسلي ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان بدقمستي سان انهن 10 ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي موسمياتي تبديلي جي اثرن کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن،گرين هائوسز گئسن جي اخراج سان دنيا ۾ سراسر گرمي پد وڌي رهي?? آهي ان لاءِ اسان کي هر اهو قدم کڻڻ گهرجي جنهن سان سراسري گرمي پد ۾ ٿيندڙ ان اضافي ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ۽ ان مقصد لاءِ 10 ارب وڻ لڳائڻ جي پروگرام کي ڪامياب بڻائڻ جي ضرورت ??هي?? وڻ لڳائڻ اسان جي مستقبل لاءِ تمام ضروري آهن. هتي 10 لک وڻ لڳايا پيا وڃن پر انهن جي حفاظت جي ذميداري نوجوانن تي آهي ۽ ان سان گڏوگڏ اسان نوجوانن کي راندين جا ميدان به ٺ??هي ڏينداسين. نوجوانن لاءِ راندين جي ميدانن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وڻ اسان جي مستقبل ۽ راندين جا ميدان نوجوانن جي صحت لاءِ ضروري آهن.
اڳوڻا حڪمران قوم کي قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڌڪي ٻاهر شاهاڻي زندگي گهاري رهيا آهن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : raspadinha caixa