اسلام آباد – 19 نومبر (اي پي پي) نيشنل ڪما??ڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 2 هزار 547 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 18 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 36 هزار 899 ٽ??سٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 11 هزار 690، پنج??ب ۾ 13 هزار 754، خيبرپختونخوا ۾ 3 هزار 25، اسلام آباد ۾ 6 هزار 132، بلوچستان ۾ 841 ، گلگت بلتستان ۾ 240، آزاد ڪشمير ۾ 947 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 26 هزار 674 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 806 و??نٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جا 234 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 65 هزار 927 آهي.
اين سي او سي پاران ڪورونا بابت تازا انگ اکر جاري
مضمون کا ماخذ : مردہ یا زندہ II