اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ايف اي ٽي ايف بابت قانونسازي لاءِ ??ڪو??ت لائحه عمل طئي ڪري ورتو آهي. پارليامينٽ جي ايندڙ سيشن ۾ قانونسازي جو عمل اڳتي و??ندو، ذاتي مفادن بدران ملڪي مفاد کي ترجيح ڏيندڙ مخالف ڌر جا ميمبر به ??ن بل جي اهميت کي سمجهندي مڪمل سپورٽ ڪندا. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا بريفنگ دوران هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ملڪ جي مختلف حصن ۾ تازين برساتن ??ان ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصانن جي ڪري پارليامينٽ جو سيشن ايندڙ هفتي منعقد ٿيندو، ايندڙ سيشن جي لاءِ حڪمت عملي طئي ڪئي وئي آهي، ايف اي ٽي ايف بل پاڪستان جي لاءِ ۽ پاڪستان جي عوام جي لاءِ گهڻي اهميت رکي ٿو.
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ