اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته باباءِ قوم محمد علي جناح اهو عظيم اڳواڻ هو جنهن پنهنجي بصيرت ۽ دورانديشي سان ننڍي کنڊ جو نقشو بدلائي اسان کي هڪ آزاد ملڪ ڏنو، اڄ اسان کي مستقبل جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ا?? جي ف??ما??ن ”اتحاد، ايمان ۽ تنظيم“ کي بنيادي اصول طور اختيار ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن قائداعظم جي جنم ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو، صدر چيو ته اڄ جو ڏينهن اسا?? جي ملڪ جي ??ار??خ ۾ خصوصي اهميت رکندڙ آهي اهو ڏينهن ان عظيم قائد جو جنم ڏينهن آهي، جنهن ننڍي کنڊ جو نقشو بدلائي ڇڏيو ۽ اسان کي پاڪستا?? جي نالي سان هڪ آزاد ملڪ عطا ڪيو.
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی