اسلام آباد – 19 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق ??عواڻ چيو آهي ته اسان جو ان ڳالهه تي اتفاق آهي ته ملڪ ۾ جمهوريت، ترقي ۽ خوشحالي جي حوالي سان ميڊيا نه رڳو رهنمائي ڪندي آهي پر حڪومت تي تنقيد اصلاح جو ڪم ڏيندي آهي، پهرين هڪ پارٽي جو صدر صرف سي اين اين ۽ بي بي سي ڏسندو هو ته جيئن پنهنجو فوڪس عا??مي سياست تي رکي سگهي، اڃان تائين اسان ميڊيا ٽربيونلز جي حوالي سان ڪا قانونسازي ناهي ڪئي پر اڃان ڪابينا ۾ تجويزون منظور ٿيون آهن، ڪابينا ۾ ذميداراڻي رول سبب پيمرا جي نئين سر جوڙجڪ ڪرڻ تي زور ڏنو ويو. هو پارليامينٽ هائوس ۾ پارلياماني رپورٽر ايسوسيئيشن جي نون چونڊيل عهديدارن ج?? حلف برداري جي تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي، وزيراعظم جي خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق ??عواڻ چيو ته عوام جي پناهگاه پارليامينٽ جڏهن ته صحافين جي پارليامينٽ ۾ پناهگاهه پي آر اي آهي
ميڊيا حڪومت تي اصلاحي تنقيد جو ڪم ڏيندي آهي: ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری پاکستان