اسلام آباد – 02 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ممل??تي وزير مريم اورنگزيب عاشوره محرم جي پ??امن ان??قا?? تي سيڪيورٽي فورسز جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي صوبائي حڪومتن جي بهترين انتظامن ۽ ق??نون لاڳو ڪندڙ ادارن کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته محرم الحرام جي موقعي تي پوليس سميت سيڪيورٽي جي سمورن ادارن ڏينهن رات خدمتون سرانجام ڏنيون جنهن تي هو تحسين جا مستحق آهن. مريم اورنگزيب چيو ته امن امان جي قيام جي سلسلي ۾ عزادارن ۽ شهرين جو تعاون به مثالي رهيو. هن چيو ته گڏيل اتحاد، ٻڌي ۽ تعاون سان هر مشڪل تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. ممل??تي وزير چيو ته عاشوره کان اڳ دهشتگردي جي منصوبي کي ناڪام بڻائڻ سيڪيورٽي آپريٽس جي شاندار ڪاميابي ۽ صلاحيت جو ثبوت آهي.
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش