واشنگٽن-25 آڪٽوبر (اي پي پي) خلائي تحقيق جي آمريڪي اداري ناسا جو اسپيس ايڪس ڪريو-8 مشن عالم?? خلائي اسٽيشن کان 4 خلابازن کي کڻي زمين تي په??ي ويو. پرڏيهي ميڊيا ??ي رپورٽ موجب انڊيور نالي جهاز ذريعي زمين تي واپس آيل خلابازن ۾ ناسا ج?? خلاباز ميٿيو ڊومينڪ، مائيڪل بيراٽ، جينيٽ ايپس ۽ روس?? خلاباز اليگزينڊر گريبينڪن شامل هئا. عالم?? خلائي اسٽيشن تي پنهنجي 233 ڏينهن جي ترسڻ دوران خلابازن انساني صحت، مٽيريل سائنس ۽ زراعت سميت مختلف شعبن ۾ 200 کان وڌيڪ تجربا ڪيا جن جو مقصد مستقبل جي ڊگهي وقت ج?? خلائي مشنن لاءِ ضروري ڄاڻ کي اڳيان وڌائڻ ۽ زمين تي زندگيءَ کي فائدو په??ائڻ آهي. خاص طور تي هنن دماغي آرگنائيزڊ ۽ ٻوٽن جي واڌ ويجهه تي مائڪرو گريوٽي جي اثرن جو مطالعو ڪيو، جنهن سان ڳالهه کي بهتر سمجهڻ ۾ مدد ملي ته جاندار خلائي حالتن مطابق ڪيئن سمائجي سگهن ٿا. سامونڊي طوفان ملٽن ۽ علائقي ۾ ٻين طوفانن سب?? خراب موسمي حالتن سبب ابتدا??ي طور تي مشن کي واپسيءَ ۾ دير ٿي هئي.
ناسا جو اسپيس ايڪس ڪريو-8 مشن عالمي خلائي اسٽيشن کان 4 خلابازن کي کڻي زمين تي پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لائیو ڈرا