گڏيل قومون- 03 اپريل (اي پي پي) گڏيل قومن آٽزم جو شڪار ماڻهن جي وڌ کان وڌ مدد ڪرڻ ۽ معاشري ۾ سندن ڪردار کي همٿائڻ تي زور ڏنو آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتر??ش آٽزم جي عالمي آگاهي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اسانکي گهرجي ته معاشري ۾ ان بيماري جو شڪار ماڻهن جي فعال شراڪتداري کي پوري طرح تسليم ڪريون ۽ اهڙن سمورن ماڻ??ن سان مڪمل سهڪار ڪريون ۽ انهن لاءِ گڏجي ڪم ڪريون. هن چيو ته آٽزم جو شڪار ماڻهن کي معذور ماڻهن جي حقن جي ڪن??نشن ۽ پائيدار ترقي جي 2030 جي ايجنڊا مطابق پنهنجا حق ۽ بنيادي آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ سماجي ۽ ماحولياتي رڪاوٽن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ان حوالي سان اسانکي آٽزم جو شڪار ماڻ??ن سان، سندن ڪٽنب ڀاتين، سندن سار سنڀال ڪندڙن جي ڪوششن ۽ آٽزم سان لاڳاپيل نيٽ ورڪس جي ڪردار کي پڻ تسليم ڪرڻ گهرجي.
مضمون کا ماخذ : números dupla sena