پشاور – 04 – آگسٽ (اي پي پي) خيبرپختونخواهه ??ي وقتي گورنر مشتاق ??حمد غني ڪشم??ر استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اسان هر محاذ تي ڪشميري عو??م جي اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکنداسين، والاريل ڪشمير ۾ صدين کان جاري ڀارتي ظلمن جي ڪري ڪشميري عو??م تي هر لمحو ڀاري آهي پر 5 آگسٽ 2019ع تي مودي حڪومت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي قانوني حيثيت کي تبديل ڪري نه رڳو والاريل ڪشمي?? جو بي رحماڻو استحصال ڪيو پر مظلوم ڪشميري عو??م تي ظلم ۽ ڏاڍ جي هڪ نئين دور جي شروعات ڪئي. اڄ خيبرپختونخواهه ??ميت سڄي ملڪ جي عو??م 5 آگسٽ تي ڪشم??ر استحصال ڏهاڙو ملهائي دنيا کي باور ڪرائي رهي آهي ته پاڪستاني قوم سدائين وانگر مظلوم ڪشميري عو??م سان گڏ بيٺل آهي ۽ هر محاذ تي ڪشميري عو??م جي اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندي. مشتاق ??حمد غني جو چوڻ هو ته اڄ جي ڏينهن عالمي برادري کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته 5 آگسٽ تي ڀارتي حڪومت جو والاريل ڪشمير جي خصوصي آئيني حيثيت تبديل ڪرڻ، بدترين ڪرفيو ۽ ڀارتي فوج جو گهيراءُ ڀارت جي مڪروهه ??رادن کي ظاهر ڪرڻ جي لاءِ ڪافي آهي جيڪو خطي جي امن لاءِ تمام وڏو خطرو آهي، عالمي برادري کي ڏسڻ گهرجي ته ڪهڙي طرح ڀارت والاريل ڪشمير بابت گڏيل قومن ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي کليل خلاف ورزي ڪري رهيو آهي ۽ ڪشميري عو??م تي هر گذرندڙ ڏينهن سان ظلمن ۾ اضافو ڪندو پيو وڃي جيڪو عالمي انساني حقن جي ادارن جي لاءِ هڪ سخت امتحان ۽ فڪ?? جو لمحو به آهي.
اسان هر محاذ تي ڪشميري عوام جي اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکنداسين: خيبرپختونخواهه جو وقتي گورنر مشتاق احمد غني
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیتنے کے طریقے