اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) پرڏيه?? وزير بلاول ڀٽو زرداري نار تعاون تنظيم (جي سي سي) جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر نائف فلاح ايم الحجراف سان ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم جي سالياني اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن تنظيم جو پاڪستان سان تعاون جي صورتحال جو جائزو ورتو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ملاقات ۾ پرڏيهي معاملن واري مملڪت?? وزير حنا رباني کر ۽ موسمياتي تبديلي واري وفاق?? وزير شيري رحمان به موجود هيون. پرڏيه?? وزير ۽ نار تعاون ڪائونسل جي سيڪريٽري جنرل جي سي سي ۽ ان جي ميمبر ملڪن سان پاڪستان جي تعاون جي صورتحال جو جائزو ورتو. بلاول ڀٽو زرداري ملاقات دوران پاڪستان ۽ جي سي سي جي وچ ۾ تاريخي ??اب??ن، جاگرافيائي ويجهڙائي ۽ ثقافتي وابستگين جو ذڪر ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان نار تعاون ڪائونسل جي ميمبر ملڪن سان ٻطرفي ۽ جي سي سي جي تناظر ۾ پنهنجي ڀائراڻي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. پرڏيه?? وزير ۽ سيڪريٽري جنرل پاڪستان ۽ جي سي سي جي وچ ۾ ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌائڻ سان گڏوگڏ اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جي گڏيل ايڪشن پلان موجب اداره جاتي ??اب??ن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ وڌيڪ رستا ڳولڻ تي اتفاق ڪيو. ان موقعي تي ڌرين پاڪستان – نار تعاون ڪائونسل فري ٽريڊ ايگريمنٽ تي جلد کان جلد ڳالهين کي مڪمل ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته پاڪستان ۽ نار تعاون ڪائونسل جي وچ ۾ پراڻا ۽ خوشگوار لاڳاپا قائم آهن. نار تعاون ڪائونسل جي ميمبر ملڪن سان پاڪستان جا لاڳاپا گڏيل عقيدي، قدرن ۽ ثقافت جي بنياد تي مضبوطي سان ڳنڍيل آهن.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي نار تعاون تنظيم جي سيڪريٽري جنرل سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی