اس??ام آباد – 24 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته احساس انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ پروگرام تحت سڄي ملڪ جي پبلڪ يونيورسٽيز مان 92 هزار شاگردن ۽ شاگردياڻ??ن کي ميرٽ تي اسڪالرشپس ڏنيون ويون آهن، هلندڙ سال جي لاءِ سڄي ملڪ بشمول آزاد ڄمون ۽ ڪسمير، گ??گت بلتستان مان احساس اسڪالرشپس جي لاءِ هڪ لک 22 هزار 744 درخواستون ملي چڪيون آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان جو احساس پروگرام گهٽ آمدني وارن ماڻهن جي ٻارن جي يونيورسٽين ۾ اعليٰ تعليم جي خواب جي تعبير کي ممڪن بڻائي رهيو آهي. هن چيو ته جون 2023ع تائين ا??ڪر??ٽني جو عمل مڪمل ڪرڻ کانپوءِ 4 يا 5 سالا گريجوئيشن پروگرام جي شاگردن ۽ شاگردياڻ??ن کي اسڪالرشپس ڏنيون وينديون.
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2