اسلام آباد-20 ڊسمبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري و??اقي وزير محسن نقوي خيبرپختونخواه جي وڏي وزير علي امين گنڊا پور سان ملاقات ڪئي جنهن دوران امن امان جي صورتحال سميت ڪرم ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ کنيل قدمن جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ويون. وفاقي گهرو و??ير محسن نقوي خيبرپختونخواه جي وڏي وزير کي امن قائم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن سهڪار جو يقين ڏياريو. گذريل ڏينهن وفاقي گهرو و??ير پشاور ۾ وزيراعليٰ آفيس جو دورو ڪيو جتي وزيراعليٰ خيبر پختونخواه سندس آجيان ڪئي. ملات دوران گهرو و??ير محسن نقوي خيبرپختونخواه ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگي وڌائڻ جي حوالي سان هر ممڪن سهڪار جو يقين ڏياريو. هن چيو ته ڪرم ۾ امن جو قيام اسان جي ترجيح آهي، سمورين ڌرين جي مشوري سان ڪرم ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. وفاقي گهرو و??ير محسن نقوي ۽ علي امين گنڊاپور دهشتگردي خلاف جنگ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. ان موقعي تي گهرو و??ير چيو ته شهيد اسان لاءِ فخر جو سبب آهن سندن قربانين کي سلام پيش ڪيان ٿو. وزيراعليٰ ڪي پي ڪي چيو ته شهيدن جون قربانيون ناقابل فراموش آهن. اسان سڀ گڏجي دهشتگردي جو مقابلو ڪنداسين.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پاران وزيراعليٰ خيبرپختونخواه علي امين گنڊا پور سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2