لاهور-18 نومبر (اي پي پي) بابا گرونانڪ جي 555هين جن?? ڏينهن جي موقعي تي ڀارت سميت سڄي دنيا مان آيل سک ياتري ڪالهه حسن ابدال کان گردواره درٻار صاحب ڪرتارپور نارووال پهچي ويا. ان موقعي تي اويڪيو ٽرسٽ بورڊ طرفان ياترين لاءِ ٽرانسپورٽ، رهائش، سيڪيورٽي جا به??رين انتظام ڪيا ويا. ڪرتارپور پهچڻ تي ڀارت مان آيل دهلي گردواره مئنجمينٽ ڪميٽيءَ جي پارٽي ليڊر هرجيت سنگهه بپا ڳالهائيندي چيو ته ياترين لاءِ ڪيل بندوبست تعريف لائق آهي. پاڪستان پُرامن ملڪ ??هي?? پاڪستاني سک قوم سان دلي محبت ڪن ٿا، حڪومت ۽ اويڪيو ٽرسٽ بورڊ اسان کي عزت ڏني ۽ پرخلوص انتظام ڪيا. سک عورتن به انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته هتي تمام گهڻي عزت ۽ احترام مليو آهي. اويڪيو ٽرسٽ بورڊ جي ترجمان موجب سک ياتري گردواره درٻار صاحب ڪرتارپور ۾ هڪ ڏينهن قيام ڪندا، جتي اويڪيو ٽرسٽ بورڊ طرفان مختلف تقريبن جو بندوبست ڪي?? ويندو. طئي ٿيل شيڊول موجب ياتري 20 نومبر تي گردواره روهڙي صاح?? ايمن آباد جي ياتري لاءِ لاهور پهچندا.
بابا گرونانڪ جي جنم ڏينهن جي تقريبن ۾ شرڪت ڪندڙ سک ياتري گردواره درٻار صاحب ڪرتارپور پهچي ويا
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون