اسلام آباد- 09 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اچو ته اڄوڪي ??ين??ن اسان علامه اقبال جي ويزن تي عمل ڪرڻ، انصاف، برابري ۽ اعليٰ ظرفي جي نظرين تي ٻڌل قوم جي تعمير جو وچن ڪريون. اڄ اسان بصيرت افروز شاعر ۽ فلسفي ڊاڪٽر علامه محمد اقبال جي يوم پي??ائش جي موقعي تي کيس خراج عقيدت پي?? ڪريون ??ا. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪالهه ڇنڇر ??ين??ن علامه اقبال جي يوم پي??ائش جي موقعي تي سوشل ميڊيا پ??يٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ چيو ته سندس فڪر ۽ لکڻين اسان جي قوم جي طرز عمل تي گهرا اثر ڇڏيا آهن ۽ اهي اسان لاءِ روشن راهه جو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن جيڪي اسان کي پاڪستان جي ترقي ۽ استحڪام لاءِ اڻٿڪ محنت تي زور ڀرين ٿيون. وزيراعظم چيو ته علامه محمد اقبال جي شاعري پنهنجي وقت جي عڪاسي ئي نٿي ڪري پر عمل ۽ خودشناسي جي لازوال دعوت پڻ آهي. هن نوجوانن تي زور ڀريو ته هو اعتدال پسندي سان بلند ٿي پختي ايمان ۽ محنت ذريعي عظمت حاصل ڪن. وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي پوسٽ ۾ علامه محمد اقبال جو شعر به پوسٽ ڪيو ته ”تنما آبرو ڪي هو اگر گلزار هستي ۾، تو ڪانٽون ۾ الجهه ڪر زندگي ڪرني ڪي خو ڪرلي، نهين يه شان خودداري هين، چمن سي توڙ ڪر تجهه ڪو، ڪوئي دستار ۾ رک لي، ڪوئي زيب گلو ڪرلي“. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اسان علامه اقبال جو يوم پي??ائش ملهائي رهيا آهيون، اچو اسان اڄوڪي ??ين??ن پنهنجي زندگي ۾ علامه اقبال جي ويزن تي عمل ڪرڻ ۽ هڪ اهڙي قوم جي تعمير جو وچن ڪريون جيڪا علامه محمد اقبال ج?? انصاف، برابري ۽ اعليٰ ظرفي جي نظرين جي عڪاسي ڪري.
علامه اقبال جي جنم ڏهاڙي تي سندس ويزن تي عمل ڪرڻ، انصاف، برابري ۽ اعليٰ ظرفي جي نظرين تي ٻڌل قوم جي تعمير جو وچن ڪريون: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : تعداد بہت زیادہ ہے۔