اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) ملائيشيا جو وزيراعظم انور ابراهيم پاڪستان جو پنهنجو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪري پنهنجي وطن واپس روانو ٿي ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف معزز مهمان کي نائب وزيراعظم ۽ پ??ڏي??ي وزير اسحاق ڊار ۽ وفاقي ڪابينا جي ميمبرن سان گڏ رخصت ڪيو. ان کان اڳ اربع ڏ??نهن پاڪستان اچڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪابينا ميمبرن سان گڏ ملائيشين وزيراعظم جو استقبال ڪيو هو. تفصيل موجب دوري دوران انور ابراهيم اعليٰ سطح جي وفد جنهن ۾ وزير، نائب وزير ۽ اعليٰ عملدار شامل هئا وزيراعظم محمد شهباز شريف سان نويڪلائي ۾ ملاقات ۽ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جڏهن ته صد?? آصف علي زرداري سان لاڀائتن خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. دوري کانپوءِ ملائيشين وزيراعظم انور ابراهيم پنهنجي ايڪس ٽائيم لائين تي لکيو ته منهنجي پاڪستاني هم منصب شهباز شريف ۽ صد?? آصف علي زرداري سان ملاقاتن سان گڏوگڏ صنعتي نمائندن سان ڳالهه ٻولهه ۾ گڏيل دلچسپي جي وسيع پئماني تي لاڀائتا نتيجا نڪتا. هن چيو ته انهن ملاقاتن سان لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي اعليٰ قيادت جي عزم جي عڪاسي ٿئي ٿي. ڌرين مختلف شعبن ۾ گڏي?? تعاون وڌائڻ جي لاءِ ٽن مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون پڻ ڪيون. دوري دوران ملاقاتن ۾ ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ويو ته پاڪستان ملائيشيا کي 20 ڪر??ڙ ڊالر ماليت جو حلال گوشت ۽ هڪ لک ٽن باسمتي چانور برآمد ڪندو. انور ابراهيم چيو ته يقيني طور تي پاڪستان پاران گوشت، چانور ۽ پام آئل جي درآمد سميت واپار ۽ زرعي ٽيڪنالاجي جي سمورن شعبن ۾ تعاون ۾ اضافو ٿيندو ۽ ٻئي ملڪ مصنوعي ذهانت (اي آءِ)، ڊيجيٽل ۽ سيمي ڪنڊڪٽر جهڙن اهم شعبن جي ذريعي هنرمند ڪارڪنن جي شعبي ۾ پڻ تعاون کي سگهه ڏيندا. دوري دوران هڪ خصوصي تقريب ۾ صد?? آصف علي زرداري ملائيشين وزيراعظم انور ابراهيم کي نشان پاڪستان ايوارڊ سان پڻ نوازيو. کيس نيشنل يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي (نسٽ) پاران اعزازي پي ايڇ ڊي جي ڊگري سان پڻ نوازيو ويو جتي هن ليڪچر پڻ ڏنو.
ملائيشيا جو وزيراعظم انور ابراهيم پاڪستان جو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪري وطن واپس روانو
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ویب سائٹ