اسلام آباد – 18 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ روس پرڏيهي وزارت اسلام آباد ۾ منعقد هڪ تقريب ۾ معيشت ۽ واپار جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي هڪ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون. تقريب ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ روسي فيڊريشن جي نائب وزيراعظم اليڪسي اوورچڪ پڻ شرڪت ڪئي. پاڪستان مرڪنٽائل ??يڪ??چينج ۽ سينٽ ??يٽ??زبرگ انٽرنيشنل مرڪنٽائل ??يڪ??چينج جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي پاڪستان پاران پاڪستان مرڪنٽائل ??يڪ??چينج جي وقتي مئنيجنگ ڊائريڪٽر فرحان طاهر ۽ روس پاران سينٽ ??يٽ??زبرگ انٽرنيشنل مرڪنٽائل ??يڪ??چينج جي صدر ايگور آرٽيميف صحيحون ڪيون. پاڪستان عالمي ٽرانسپورٽ ڪوريڊور بيلاروس – روس – قازقستان – ازبڪستان – افغانستان – پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي بابت مفاهمت نامي ۾ شموليت جو پڻ ??عل??ن ڪيو. دستاويز تي پاڪستان پاران مواصلات واري سيڪريٽري علي شير محسود صحيحون ڪيون.
پاڪستان ۽ روس پاران معيشت ۽ واپار جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي هڪ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون
مضمون کا ماخذ : پاور بال آن لائن خریداری