اسلام آباد -24 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اي پروڪيورمينٽ من??وبي کي هڪ مهيني ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي، ته پروڪيورمينٽ جي عمل جي حوالي سان شڪايتن ۽ خدشن جي حل جي نظام کي موثر بڻائڻ لاءِ ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن ڪرائي وڃي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري پريس رليز موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اليڪٽرانڪ پروڪيورمينٽ، اي- پاڪ ايڪيوزيشن اينڊ ڊسپوزل سسٽم جي حوالي سان اجلاس من??قد ٿيو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته حڪومت سمورن خريدارن جي حوالي سان شفاف طريقو لاڳو ڪرڻ لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم پروڪيورمينٽ جي عمل جي حوالي سان شڪايتن ۽ خدشن جي حل جي نظام کي موثر بنائڻ لاءِ ان جي ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن جي هدايت ڪندي چيو ته پروڪيورمينٽ جي عمل جي حوالي سان شڪايتن ۽ خدشن جي حل جي نظام کي پروڪيورنگ ايجنسي جي ماتحت نه هئڻ گهرجي، ان حوالي سان قاعدن ۽ ضابطن ۾ ترميم لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. وزيراعظم 2 بلين روپين کان وڌيڪ جي سمورن ترقياتي من??وبن کي ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن ڪرائڻجي هدايت ڪئي. وزيراعظم کي اي-پروڪيورمينٽ تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم من??وبي تي عملدرآمد ۾ سستي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ڪم جي معيار ۽ ان پر??سس جي مڪمل نه هئڻ تي به ناراضگي جو اظهار ڪندي هڪ مهيني ۾ من??وبي کي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم کي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته اي پروڪيورمينٽ جو من??وبو پبلڪ پروڪيورمينٽ ريگيوليٽري ورلڊ بيئنڪ جي فنڊنگ سان 2017ع ۾ شروع ڪيو، اي پروڪيورمينٽ جي من??وبي جي مڪمل لاڳت 45 ملين آمريڪي ڊالرز آهي. وفاقي حڪومت جي 37 وزارتن ۽ 301 پروڪيورنگ ايجنسين ۾ اي پروڪيورمينٽ لاڳو ٿي چڪو آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پي پي آر اي طرفان پروڪيورنگ ايجنسين جي 8988 آفيشلز کي اي پروڪيورمينٽ جي تربيت ڏني وئي آهي، وفاقي حڪومت جو اي پروڪيورمينٽ جي حوالي سان ڳاڻيٽو تقريبن 1551 بلين روپيا آهي، اي پروڪيورمينٽ جي حوالي سان پنجاب، سنڌ، خيبر پختونخوا ۽ آزاد ڄمن ڪشمير جي حڪومتن سان مفاهمتي يادداشتن تي صحيحيون ٿي چڪيون آهن. اجلاس ۾ وفاقي وزير احد خان چيمه، ناڻي ??اري وزير محمد اورنگزيب، پيٽروليم واري وزير مص??ق ملڪ، وزيراعظم جي ڪو آرڊينيٽر رانا احسان افضل ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.
اي پروڪيورمينٽ منصوبي کي هڪ مهيني اندر مڪمل ڪيو وڃي، پروڪيورمينٽ عمل جي حوالي سان شڪايتن ۽ خدشن جي حل جي نظام کي موثر بڻائڻ لاءِ ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن ڪرائي وڃي: شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ