اسلام آباد – 12 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ??صف علي زرداري آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي قيدين جي سزائن ۾ 90 ڏينهن جي ڇوٽ ڏيڻ جو اعلان ??يو آهي. ايوان صدر ??ي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ??زائن ۾ گهٽتائي جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 45 تحت ڏني آهي. سزائن ۾ گهٽتائي قتل، جاسوسي، رياست مخالف سرگرمين ۾ ملوث قيدين تي لاڳو نه هوندي. سزائن ۾ گهٽتائي زنا، چوري، ڦر، اغوا، دهشتگردي ۾ سزا يافته ڏوهارين تي به لاڳو نه هوندي. سزا ۾ گهٽتائي مالي ڏوهن، قومي خزاني کي نقصان پهچائيندڙ ڏوهارين تي به لاڳو نه هوندي. سزا ۾ گهٽتائي غيرملڪي ماڻهو ايڪٽ 1946ع ۽ منشيات ڪنٽرول (ترميمي) ايڪٽ 2022ع تحت سزا يافته ماڻهن تي لاڳو نه هوندي. هڪ ڀاڱي ٽي حص?? قيد ڪاٽي ڇڏيندڙ 65 سالن کان وڏي ع??ر جي مرد قيدين تي سزا ۾ گهٽتائي لاڳو هوندي. هڪ ڀاڱي ٽي حص?? قيد ڪاٽي ڇڏيندڙ 60 سال کان وڏي ع??ر جي عورت قيدين تي به سزا ۾ گهٽتائي لاڳو هوندي. ٻارن سان ??ڏ جيل ۾ موجود عورت قيدين تي به سزا ۾ گهٽتائي لاڳو هوندي. هڪ ڀاڱي ٽي حصو سزا ڪاٽي ڇڏيندڙ 18 سال کان ??هٽ ع??ر جي ماڻهن تي به سزا ۾ گهٽٽائي لاڳو هوندي.
صدر آصف علي زرداري پاران آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي قيدين جي سزائن ۾ 90 ڏينهن جي ڇوٽ ڏيڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا بونس