اسلام آباد – 07 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري جعلي خبرن ۽ غلط معلومات جي ڦهلاءُ جي حوصلا شڪني جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته حقيقتن جي ڇنڊڇاڻ ۽ معلومات جي تصديق جي ڪلچر کي فروغ ڏيڻو پوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ??يم??ا چيئرمين محمد سليم سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. هن چيو ته ميڊيا معاشري ۾ رواداري، اتحاد ۽ اخلاقي قدرن جي فروغ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏوگڏ صحافت جي اعليٰ ترين معيار کي ب??قرار رکي. صدر چيو ته جديد مواصلاتي ٽيڪنالاجي ج?? ڪري نوان چئلينجز درپيش آهن، ميڊيا عوامي راءِ جي جوڙجڪ ۾ ذميواراڻو ۽ تعمير?? ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته غلط معلومات ۽ پروپئگنڊه جي حوالي سان ضابطه اخلاق تي عمل ٿيڻ گهرجي. صدر جديد ٽيڪنالاجي ۽ باصلاحيت انساني وسيلن سان ??يم??ا جي صلاحيت بهتر بڻائڻ ??ي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته ميڊيا ملڪ جو بهتر تشخص ۽ سماجي ۽ اقتصادي مسئلن بابت شعور اجاگر ڪري. ??يم??ا چيئرمين صدر کي ميڊيا منظرنامي جي ريگيوليشن ۽ ترقي ۾ ??يم??ا ج?? ڪردار ۽ ڪارڪردگي ب??بت آگاهه ڪيو. ان موقعي تي ??يم??ا چيئرمين صدر کي ??يم??ا رپورٽ 23 – 2021ع پڻ پيش ڪئي. صدر ملاقات ۾ ??يم??ا کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ??ي لاءِ پنهنجي حمايت جو ورجاءُ ڪيو.
جعلي خبرن ۽ غلط معلومات جي ڦهلاءُ جي حوصلا شڪني ڪئي وڃي، حقيقتن جي ڇنڊڇاڻ ۽ معلومات جي تصديق جي ڪلچر کي فروغ ڏيڻو پوندو: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ ڈاؤن لوڈ کریں