استنبول – 20 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ترڪ واپارين، ڪاروباري ماڻهن ?? وڏين ڪمپنين کي دعوت ڏني آهي ته هو پاڪستان ۾ معيشت جي مختلف شعبن خاص طور تي پن بجلي، ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ، کاڻيون کوٽڻ، بئنڪاري ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي ۾ سي??پڪاري ڪن. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڊي ايٽ سربراهه ڪانفرنس جي موقعي تي ترڪي جي غير ملڪي اقتصادي لاڳاپن جي بورڊ سان ملاقات دوران ڪيو. هن چيو ته ترڪي جا ڪاروباري گروپ فوڊ پراسسنگ انڊسٽري خاص طور تي کير ۽ ميون جي مارڪيٽ ۾به سي??پڪاري جي امڪانن جو جائزو وٺي سگهن ٿا، هن چيو ته پاڪستان جي رستي اسان جي پاڙيسري نار ملڪن ۽ وچ ايشيا جي ملڪن کي برآمدات جا موقعا موجود آهن، بنيادي ڍانچي، ??را??سپورٽ، ب??ور??جز ۽ اليڪ??را??ڪ جي شعبن ۾ ترڪي جي ڪجهه ڪمپنين طرفان پاڪستان ۾ سي??پڪاري جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان مختلف شعبن ۾ وڌيڪ ڪمپنين جي سي??پڪاري جي آجيان ڪندو
وزيراعظم پاران ترڪ واپارين ۽ وڏين ڪمپنين کي سيڙپڪاري جي دعوت
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز آن لائن ٹکٹ