گڏيل قومون-06 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل ۾ گذريل ڏينهن ??يل دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي آهي جنهن جي ذميواري داعش خراسان قبول ڪئي. پرڏيهي خابرو اداري م??جب سلامتي ڪائونسل جي م??مبرن گذريل ڏينهن ??ريس بيان ۾ ڪابل ۾ ٿيل دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي، جنهن ۾ ڪ??ترائي ماڻهو فوت ۽ زخمي ٿيا. سلامتي ڪائونسل جي م??مبرن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته دهشتگردي پنهنجي سمورين شڪلين ۾ افغانستان سان گڏوگڏ دنيا ۾ امن ۽ سلامتي لاءِ سنگين خطرن مان هڪ آهي. هن زور ڀريو ته دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ ملوث عنصرن، مالي مدد ۽ سرپرستي ڪندڙن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. هن گڏيل قومن جي سمورن ميمبر ملڪن تي زور ڀريو ته اهي عالمي قانونن ۽ سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن تحت پنهنجي ذميوارين موجب ان سلسلي ۾ سمورن لاڳاپيل عملدارن سان فعال تعاون ڪن.
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پاران ڪابل ۾ دهشتگرد حملي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ