رياض-08 نومبر (اي پي پي) سعودي ڪابينا غزه ۾ جنگ بندي لاءِ علائقائي ۽ عالمي ڌرين سان ??ڏج?? ڪوششون جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي صدارت هيٺ منعقد اجلاس ۾ سعودي ڪابينا چيو ته اسان فلسطيني عوام ??ي مستقبل ۾ پڻ مدد ڪندا رهنداسين، اجلاس دوران چيو ويو ته سعودي عرب فلسطيني مسئلي جي جامع ۽ انصاف تي ٻڌل حل جي رستي جي بحالي ۽ غزه ۾ فوري جنگ بندي لاءِ عالمي ۽ علائقائي ڌرين سان ??ڏج?? ڪم ڪري رهيو آهي. سعودي ڪابينا فلسطيني عوام ??ي حمايت ۽ مدد لاءِ س??ودي عرب جي موقف جو عزم ڪيو، اطلاعات واري وزير سلمان الدوسري اجلاس کي ٻڌايو ته ڪابينا ۾ ڪيترن ئي ملڪن سان سعودي عهديدارن جي ڳالهين جي حوالي سان هڪ رپورٽ پيش ڪئي وئي آهي، ڌرين علائقائي ۽ عالمي سطح تي گهڻ رخي مسئلن ۽ چئلينجن جي حوالي سان سهڪار وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي.
سعودي ڪابينا جو غزه ۾ جنگ بندي لاءِ ڪوششون جاري رکڻ جو عزم
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا