رياض -28 آگسٽ (اي پي پي) عرب ل??گ جي قانونساز اداري عرب پارليامينٽ ڊينمارڪ ۾ ڪنهن به آسماني ڪتاب جي بي حرمتي کي ڏوهه قرار ڏيڻ جي حڪومتي فيصلي جي آجيان ڪئي آهي. سعودي ميڊيا مطابق ٽوئيٽر تي عرب پارليامينٽ جي اسپيڪر عادل بن عبدالرحمان العسومي ان اميد جو اظهار ڪيو آهي، ته اهو فيصلو ڪڌي ڏوهه کي روڪڻ ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪندو. هن سوئيڊن ۽ ٻين ملڪن تي پڻ زور ڀريو آهي ته اهو ان سلسلي ۾ ڊينمارڪ جي مثال تي عمل ڪن. هن يورپي پارليامينٽ کي به چيو ته اها اجتماعي سطح تي اهڙو ئي قانون اختيار ڪري ته جيئن ان کي ??قي??ي بڻائي سگهجي ته مذهبي مقدس شين ۽ علامتن کي مجروح نه ڪري سگهجي. ياد رهي ته ??سل??م مخالف ڪارڪنن طرفان قرآن پاڪ جي بي حرمتي بعد ڊينمارڪ جي مرڪزي ساڄي ڌر جي حڪومت ڄ??ڻايل قانون متعارف ڪرايو آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے نتائج