اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته ڪابينا ميمبرن جي راءِ جي روشنيءَ ۾ رائيٽ سائزنگ ڪميٽي جي مختلف وزارتن ۽ کاتن ۾ رائٽ سائزنگ جي سفارشن جو جائزو وٺي وفاقي ڪابينا ۾ ٻيهر رپورٽ پيش ڪئي وڃي، جڏهن ته ڄاڻايل ڪميٽي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ڪامرس، هائوسنگ اينڊ ورڪس ۽ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ ۽ انهن سان لاڳاپيل ??دارن ۾ رائٽ سائزنگ لاءِ ڪجهه ادارن کي مڪمل بند ڪرڻ ۽ ڪ??جهه ??ي ضم ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ٿيو، وفاقي ڪابينا ۾ حڪومت جي رائٽ سائزنگ جي حوالي سان جوڙيل ڪميٽي وا??ار واري وزارت، هائوسنگ ۽ ورڪس واري وزارت، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وزارت ۽ انهن سان لاڳاپيل ??دارن جي رائٽ سائيزنگ جي حوالي سان سفارشون پيش ڪيون. ڪميٽي ڄاڻايل وزارتن جي ڪجهه ادارن کي مڪمل بند ڪرڻ ۽ ڪجهه ادارن ??ي ضم ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي. ڪميٽي انهن وزارتن جي سيڪريٽريٽ ۾ عملي جون پوسٽون 30 سيڪڙو گهٽائڻ جي به تجويز ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته انهن سفارشن جي منظوري کانپوءِ قومي خزاني کي 42.1 ارب رپين جي بچت جو امڪان آهي. ڪابينا ميمبرن انهن تجويزن تي پنهنجي راءِ ڏني. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪابينا جي ميمبرن جي راءِ جي روشني ۾ انهن وزارتن جي رائٽ سائزنگ بابت سفارشن ۽ ان تي عملدرآمد جو جائزو و??تو وڃي ۽ رپورٽ ٻيهر وفاقي ڪابينا ۾ پيش ڪئي وڃي. وفاقي گهرو و??ير سيد محسن رضا نقوي وفاقي ڪابينا کي پارا چنار جي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پارا چنار ۾ امدادي سرگرميون جاري آهن ۽ ان حوالي سان وفاقي ۽ خيبرپختونخواهه حڪومتون گڏيل ??ور تي امدادي سرگرمين ۾ حصو وٺي رهيون آهن. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته پارا چنار مان مريضن کي ٻين شهرن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ وزيراعظم جي استعمال هيٺ هيلي ڪاپٽر مخصوص ڪيو ويو آهي. جڏهن ته پارا چنار جي سمورن اسپتالن ۾ ضروري دوائن جي دستيابي کي يقيني بڻايو ويو آهي.
وزيراعظم پاران رائيٽ سائزنگ ڪميٽي جي سفارشن جو جائزو وٺي وفاقي ڪابينا ۾ ٻيهر رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : خوش قسمتی کا رش