اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوگلو سان ملاقات ڪئي. واپار واري وزارت جي جاري پڌرائيءَ موجب ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي نا??ن کي وڌائڻ جي موقعن تي خيالن ??ي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ تاريخي، ثقافتي ۽ اسٽريٽجڪ نا??ن کي هٿي ڏيڻ ۽ حقيقي واپاري صلاحيتن کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ويو. ملاقات ۾ وفاقي وزير مئي 2023ع ۾ ”ٽريڊ ان گڊز ايگريمينٽ?? کي عملي جامو پهرائڻ تي روشني وڌي، ج??هن ۾ پاڪستان ۽ ترڪ شين تي اوڳاڙين ۾ رعايت ڏني وئي هئي. سفير تجويز پيش ڪئي ته پاڪستان جنوري 2025ع ۾ ترڪيه ڏانهن هڪ وفد موڪلي ته جيئن اسلام آباد ۾ طئي ٿيل اعليٰ سطحي رياستي اجلاس کان اڳ عمل جوڳن منصوبن تي خيالن ??ي ڏي وٺ ڪري سگهجي، ج??هن کي واپار واري وزير ساراهيو. ڄام ڪمال خان نجي شعبي کي بااختيار بنائڻ لاءِ ڪاروبار دوست ماحول پيدا ڪرڻ جي اهميت تي پڻ زور ڀريو. هن وڌيڪ چيو ته بزنس ٽو بزنس مصروفيتن لاءِ ميچ ميڪنگ قدم اقتصادي تعاون کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. ٻنهي ڌُرين گڏيل رٿائن جا موقعا تلاش ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. سفير ۽ وفاقي وزير حڪومت کان حڪومت (جي 2 ??ي) ۽ ڪاروبار کان ڪاروبار (بي 2 ??ي) مصروفيتن جي اهميت تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ڌُرين پاڪ- ترڪيه نا??ن جي مستقبل بابت اميد جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجي گڏيل اقتصادي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ عملي قدم کڻڻ جو عهد ڪيو.
وفاقي وزير ڄام ڪمال خان جي ترڪيه جي سفير سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : گرم سے زیادہ گرم