اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چي?? جي وزيراعظم لي چيانگ نيو گوادر ايئرپورٽ جو ورچوئل افتتاح ڪندي قرار ڏنو آهي ته گوادر نه رڳو علائقائي ترقي جو محور پر پاڪستا?? جي لاءِ گيم چينجر جي حيثيت رکي ٿو، گڏيل مستقبل ۽ گهڻ رُخي ترقي جي لاءِ اسان جو عزم مضبوط آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم هائوس ۾ نيو گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي تڪميل جي ورچوئل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ چي?? جي وچ ۾ صنعت، زراعت ۽ واپار سميت مختلف شعبن ۾ يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون آهن، اهي ٻطرفا معاهدا ٻنهي دوست ملڪ?? جي وچ ۾ نئين باب جو اضافو آهي، چيني وزيراعظم جي پاڪستا?? جي دوري تي سندس ٿورا??تا آهيون، سندس دورو ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ دوستي جي فروغ جي عزم جو ورجاءُ آهي، اسان ملاقات دوران لاڀائتي ۽ تعميري ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن چيو ته پاڪستا?? جي ترقي جي لاءِ چي?? جي پختي عزم جا معترف آهيون، صدر شي جن پنگ، چيني عوام جو گوادر ايئرپورٽ جو تحفو ڏيڻ تي ٿورا??تا آهيون، پاڪستا?? جي معاشي ترقي جي ايجنڊا ۽ پٺتي پيل علائق?? جي ترقي سميت ٻين شعبن ۾ تعاون تي ٿورا??تا آهيون، گوادر ايئرپورٽ سان نه رڳو گوادر پر پورو ملڪ ترقي ڪندو، سي پيڪ تحت ان منصوبي کي مڪمل ڪيو ويو، يقين ڏياريان ٿو ته نه رڳو سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تي عملدرآمد پر چين ۽ پاڪستا?? جي عوام جي امن ۽ سلامتي جي لاءِ توهان سان گڏجي ڪم ڪندس.
هن چيو ته گوادر ايئرپورٽ جي تڪميل جي لاءِ چيني ۽ پاڪستاني انجنيئرز ۽ ورڪرز جي اڻٿڪ ڪوششن سان اهو عالمي معيار جو منصوبو مڪمل ٿيو، چين پاران پاڪستا?? جي لاءِ اهو يادگار تحفو سدائين ياد رهندو. ان موقعي تي منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال پڻ خطاب ڪيو.