اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بزرگ واپاري اڳواڻ افتخار علي ملڪ کي سندس50 سالا جي اڻٿڪ خدمتن تي ايف پي سي سي آءِ ليجنڊ آف بزنس ڪميونٽي ايوارڊ عطا ڪيو آهي. اهو اعزاز سڄي خطي ۾ واپا?? ۽ ??نعت کي فروغ ڏيڻ ۾ ان جي مثالي خدمتن جي اعت??اف ۾ ڏنو ويو آهي. سندس ايوارڊ سندس وڏي پٽ سينيئر ايگزيڪيوٽو گارڊ گروپ تيمور علي ملڪ ايوان صدر ۾ ٿيندڙ تقريب ۾ وصول ڪيو. ڪاروباري ۽ واپاري ڌرين پاران افتخار ملڪ کي اعليٰ ايوارڊ ملڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته افتخار علي ملڪ پنهنجي اڻٿ?? محنت جي لاءِ مشهور آهي ۽ ڪاروباري دنيا ۾ نمايان مقام رکي ٿو. افتخار علي ملڪ کي واپا?? ۽ ??زنس جي شعبي لاءِ سندس ڪوششن ۽ بي پناهه خدمتن جي ڪري قومي ۽ عالمي سطح تي عزت ۽ احترام سان ڏٺو وڃي ٿو. پاڪستان ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ واپاري منظرنامي جي جوڙجڪ ۾ سندس ڪردار به اهم رهيو آهي. جنهن جي ڪري کيس ممتاز ايوارڊ جو حقدار سمجهيو ويو آهي. افتخار علي ملڪ سارڪ چيمبرز آف ڪامرس، ايف پي سي سي آءِ ۽ لاهور چيمبر جي صد?? ۽ ??ارڪ چيمبر پاڪستان چيپٽر جو مسلسل 11 سالن تائين بنا مقابلي نائب صدر رهيو ۽ ملڪ ۾ واپارين ۽ چيمبرز جي اتحاد، يونائيٽيڊ بزنس گروپ جو چيئرمين به رهيو، سندس گروپ مشهور بختاور ميموريل ٽرسٽ جون ٻه اسپتالون پڻ هلائي رهيو آهي، جيڪي مستحق مريضن کي مفت طبي سهولتون فرا??م ڪري ٿو.
صدر آصف علي زرداري پاران بزرگ واپاري اڳواڻ افتخار علي ملڪ کي ايف پي سي سي آءِ ليجنڊ آف بزنس ڪميونٽي ايوارڊ عطا
مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا