اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان کي بي شمار معاشي چئلينجز درپيش آهن، اسان ترقيا??ي بجيٽ جي غلط استعمال جي سٽ نٿا سهي سگهون، اسان کي قرضن بدران ملڪي وسيلن تي ڀروسو ڪرڻو پوندو، 2035ع تائين پاڪستان کي هڪ ارب ڊالرن جي معيشت بڻائڻ اسان جي اولين ترجيح آهي. اهڙو اظه??ر هن پنهنجي صدارت هيٺ پي ايس ڊي پي 24-2023ع جي سالياني جائزي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ احسن اقبال چيو ته موجوده معاشي حالتن ۾ ترقيا??ي بجيٽ بڻائڻ وڏو چئلينج هو، ترقيا??ي بجيٽ جي استعمال ۾ شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا پيا وڃن، ڪنهن جي نااهلي جو نتيجو معاشي بحران جي صورت ۾ ڀوڳي رهيا آهيون، هن چيو ته 2013ع ۾ ترقيا??ي بجيٽ رڳو 340 ارب روپين تائين محدود هو، اسان 2018ع تائين ان کي هڪ هزار ارب روپين تائين پهچايو. 2018ع ۾ نالي ماتر تبديلي مڙهي نه وڃي ها ته اڄ اها ترقيا??ي بجيٽ 3 هزار ارب روپئين تائين پهچي چڪي هجي ها. اڄ 2024ع ۾ مشڪل سان 1100 ارب جي ترقيا??ي بجيٽ تي پهتا آهيون. 1100 ارب روپين جو بجيٽ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اسان کي ترقياتي منصوبن تي ڪيتري قدر سمجهوتو ڪرڻو پيو. هن چيو ته ظلم اهو آهي ته 2018ع ۾ ترقيا??ي بجيٽ جو 12 سيڪڙو هو اڄ گهٽجي چار سيڪڙو تائين اچي ويو، جيڪڏهن ملڪ ۾ پاليسي جو تسلسل هجي ها ته اڄ ترقيا??ي بجيٽ 15 سيڪڙو تائين پهچي چڪو هجي ها. وزارت ۽ صوبائي حڪومتن جي ذميواري آهي ته هو ترقيا??ي بجيٽ جو مطالبو يا منصوبو ٺاهيندي وقت قومي ترجيحن جو خيال رکن.وفاقي وزير چيو ته اسان ترقيا??ي بجيٽ جي غلط استعمال جي سٽ نٿا سهي سگهون، ترقيا??ي بجيٽ جي حوالي سان اسان کي پنهنجي ترجيحن جو نئين سري سان تعين ڪرڻو پوندو. اڄ بجيٽ، سبسڊيز، پگهارن ۽ پينشن سميت ڪيترائي معاملا قرضن ذريعي ??لا??ا پيا وڃن. هن چيو ته 2035ع تائين پاڪستان کي هڪ ارب ڊالر جي معيشت بڻائڻ اسان جي اولين ترجيح آهي. اسان کي قرضن بدران ملڪي وسيلن تي ڀروسو ڪرڻو پوندو. حڪومتي آمدني وڌائڻ ۽ خرچن ۾ توازن قائم ڪرڻ لاءِ ٺوس قدم کڻڻا پوندا. هن چيو ته اهڙن منصوبن جي شروعات ئي نه ڪئي وڃي جنهن جو عوام جي زندگين تي ڪو به اثر نه هجي.
پاڪستان کي بي شمار معاشي چئلينجز درپيش آهن: احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ